عمران خان کي ملڪ ڇڏڻ جي آڇ! عليما خان وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عليما خان انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري کان هڪ ڏينهن اڳ ملڪ ڇڏڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي، جيڪا پوءِ ٻيهر ورجائي وئي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته اها آڇ برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري طرفان ڪئي وئي هئي، جڏهن محسن نقوي سوال اٿاريو ته عمران خان کي آڇ ڪنهن ڪئي ته جواب برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري کان ورتو وڃي، منهنجو مقصد رڳو عمران خان جو پيغام عوام تائين پهچائڻ آهي.
هن چيو ته عمران خان ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو پر سائفر، عدت، توشا خانا ۽ القادر جهڙا ڪيس هاڻ ٻيهر نه هلائي سگهبا، ڇو ته حقيقتون سامهون اچي چڪيون آهن.
عليما خان چيو ته معاشي بحران سبب لکين پاڪستاني ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن، جڏهن ته عدالتون بدعنوان عنصرن کي تحفظ ڏئي رهيون آهن پر عدليا ۾ موجود انصاف پسند جج اٿي بيهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.