شاهه رخ خان سان گڏ ڪم جي آڇ ٿئي پوءِ به ڀارت نه وينديس: مومنا اقبال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا مومنا اقبال چيو آهي ته جيڪڏهن شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿئي پوءِ به ڀارت نه وينديس.
هڪ انٽرويو دوران ميزبان اداڪارا کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن توهان کي ڀارت مان شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿئي ته ڪهڙو ردعمل هوندو؟
ان تي مومنا اقبال چيو ته مان ڪڏهن به ڀارت نه وينديس، ڀلي شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڇو نه ٿئي.
هن چيو ته مون کي جيترو ڪم ۽ عزت پنهنجي ملڪ ۾ ملي رهي آهي ان مان خوش آهيان، جيڪڏهن مان پاڪستان ۾ رهي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهان ته ان کان وڏي ڪا ڪاميابي ناهي.
سندس چوڻ هو ته مون کي پنهنجي ماڻهن جي محبت ۽ موٽ کپي ۽ سدائين پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏينديس، ڇو ته جيڪا عزت ۽ محبت هتي ملي آهي، اها ڪٿي نٿي ملي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.