اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد اڃا تائين اسرائيلي فوج جي حراست ۾ آهي.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب گلوبل صمود فلوٽيلا ۾ سوار پاڪستاني شهرين جي حفاظت ۽ واپسي لاءِ عالمي ڀائيوارن سان رابطي ۾ آهيون.
ترجمان چيو ته دوست يورپي ملڪ جي سفارتي ذريعن کان تصديق ٿي آهي ته مشتاق احمد فلسطين تي قابض اسرائيلي فورسز جي حراست ۾ آهي پر هو خيريت سان آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته مقامي قانوني ضابطن موجب مشتاق احمد کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، عدالت مان ڊي پورٽيشن آرڊر جاري ٿيڻ کانپوءِ سندس واپسي تڪڙن بنيادن تي ممڪن بڻائي ويندي.
ترجمان موجب پرڏيهي وزارت انهن ماڻهن جي واپسي به ممڪن بڻائيندي جيڪي اڳ ۾ لهي ويا هئا، پاڪستان انهن دوست ملڪن جو ٿورائتو آهي، جن ان معاملي تي سهڪار ڪيو.
ترجمان چيو ته حڪومت پنهنجي سمورن شهرين جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، اميد ته شهرين جي واپسي جو عمل ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو.
You might also like