عمران خان جي ”ايڪس“ اڪائونٽ بابت حڪومت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف بابت عمران خان جو ايڪس اڪائونٽ بند ڪرڻ بابت اهم اعلان ڪندي ايڪس سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا.
مملڪتي وزير بيرسٽر عقيل ملڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جي ايڪس اڪائونٽ بابت ايڪس سان رابطا ٿي رهيا آهن، عمران خان جي ايڪس اڪائونٽ بابت جاچ جاري آهي، ايڪس سان به رابطي ۾ آهيون، وڌيڪ شاهديون سامهون اچڻ تي جلد نتيجا سامهون اچي ويندا.
هن چيو ته عمران خان جو اڪائونٽ ڪير هلائي رهيو آهي ۽ ان جا پيرا ڪيڏانهن پيا وڃن اهو نٿو ٻڌائي سگهان، هن وقت رڳو اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته قانوني طريقي ڪار تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.