مريم نواز کي سياسي سمجهه ناهي، آئين فورم جي توهين پئي ڪري: نثار کهڙو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته مريم نواز آئيني فورمز جي توهين ڪري رهي آهي.
ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ نثار کهڙي چيو ته ن ليگ سربراهه نواز شريف ۾ سياسي سمجهه هئي ته هن ماضي ۾ ڪالا باغ ڊيم جو اعلان واپس ورتو، مريم نواز ۾ سياسي سمجهه ناهي، تنهن ڪري هوءَ آئيني فورمز جي توهين ڪري رهي آهي.
هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي آئيني فورم تڪراري ڪينال منصوبي کي رد ۽ دفن ڪري ڇڏيو آهي، نواز مريم نواز آئيني فورم کان مٿانهين ناهي، فورم جو فيصلو آهي ته جيستائين صوبا اتفاق نٿا ڪن ڪينال نه ٺهندا.
سندس چوڻ هو ته سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ تڪراري ڪينال منصوبو قبول ناهي، سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.