ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪٽ بورڊ هلندڙ مهيني آسٽريليا خلاف وائٽ بال سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي مڊل آرڊر بيٽر شُڀمَن گِل کي روهت شرما جي جاءِ تي ون ڊي ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته شرياس اَئير کي نائب ڪپتان بڻايو ويو آهي.
ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪٽ مان رٽائر ٿيندڙ اڳوڻو ڪپتان روهت شرما ۽ ويرات ڪوھلي ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل آهن.
ٻئي رانديگر مارچ 2025ع ۾ چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڀارت لاءِ ايڪشن ۾ نظر ايندا.
ڀارتي ٽيم آسٽريليا ۾ 19 آڪٽوبر کان 25 آڪٽوبر تائين ٽي ون ڊي ميچون کيڏندي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز ٿيندي.
ون ڊي اسڪواڊ ۾شُڀمَن گِل (ڪپتان)، روهت شرما، ويرات ڪوھلي، شرياس ائير (نائب ڪپتان)، اڪشر پٽيل، ڪي ايل راهول، نتيش ڪمار ريڊي، واشنگٽن سُندر، ڪُلديپ يادَو، هرشيت راڻا، محمد سراج، ارشديپ سنگهه، پراسيڌ ڪرشنا، ڌُرُو جوريل، يشسوي جئسوال شامل آهن.
پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ سوريا ڪمار يادَو (ڪپتان)، اڀيشڪ شرما، شُڀمَن گِل (نائب ڪپتان)، تلڪ ورما، نتيش ڪمار ريڊي، شيوم دوبي، اڪشر پٽيل، جيتيش شرما، ورون چڪرورٿي، جسپريت بمراهه، ارشديپ سنگھه، ڪُلديپ يادَو، هرشيت راڻا، سنجو سيمسن، رنڪو سنگهھ، واشنگٽن سُندر جي نالن تي ٻڌل اسڪواڊ چونڊي وئي آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ چيمپيئنز ٽرافي جي فاتح ڪپتان روهت شرما کان ڀارتي ٽيم جي قيادت کسي وئي
You might also like