اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پينشن جا نوان قانون لاڳو ڪري ڇڏيا، جنهن تحت ملازم پينشن لاءِ پگهار جو 10 سيڪڙو حصو جمع ڪرائيندا.
وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جا معاشي هدفن جا سخت شرط پورا ڪرڻ لاءِ نئين ڪنٽري بيوٽري پينشن فنڊ اسڪيم لاڳو ڪري ڇڏي.
ان حوالي سان ناڻي واري وزارت طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ملازم پينشن لاءِ پگهار جو 10 سيڪڙو حصو جمع ڪرائيندا.
پڌرائيءَ موجب حڪومت طرفان 12 سيڪڙو ڪنٽري بيوشن ڏنو ويندو، ائين مجموعي طور تي 22 سيڪڙو رقم پينشن فنڊ ۾ جمع ٿيندي.
نئين پينشن اسڪيم پهرين جولاءِ 2024 کان ڀرتي ملازمن تي لاڳو ٿيندي، جڏهن ته هٿياربند فوج جي اهلڪارن لاءِ اها پهرين جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ملام رٽائرمينٽ کان اڳ پينشن اڪائونٽ مان رقم نه ڪڍرائي سگهندا، جڏهن ته رٽائرمينٽ تي وڌ کان وڌ 25 سيڪڙو رقم ڪڍي سگهن ٿا، باقي رقم کي والنٽري پينشن سسٽم رولز 2002 تحت گهٽ ۾ گهٽ 20 سال يا 80 سالن جي عمر تائين سيڙپڪاري ۾ رکيو ويندو.
You might also like