احمد آباد ٽيسٽ:جاڙيجا جو آل رائونڊ شو، ڀارت هٿان ويسٽ انڊيز کي اننگز ۽ 140 رنسن تان شڪست

احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت احمد ٽيسٽ ۾ ويسٽ انڊيز کي اننگز 140 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
احمد آباد ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڀارت پنج وڪيٽن جي نقصان تي 448 رنسون ٺاهي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪئي.
ويسٽ انڊيز 286 رنسن جي خساري سان ٻي اننگز شروع ڪئي، پر وقفي وقفي سان وڪيٽن ڪِرڻ جو سلسلو جاري رهيو.
ويسٽ انڊين ٽيم ٻي اننگز ۾ پنهنجي پهرين اننگز جيتريون رنسون به نه ٺاهي سگهي ۽ 146 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ايلڪ اٿانازي سڀ کان وڌيڪ 38 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته جسٽن گريوز 25 ۽ جڊن سيئلس 22 رنسون ٺاهي سگهيو.
ڀارت طرفان رويندرا جاڙيجا چار، محمد سراج ٽي، ڪلديپ يادَو ٻه ۽ واشنگٽن سُندر هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي پنهنجي پهرين اننگز ۾ رڳو 162 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي.
ڀارت پنهنجي پهرين اننگز پنج وڪيٽن جي نقصان تي 448 رنسن ڊڪليئر ڪئي هئي.
ڀارت طرفان رويندرا جاڙيجا ناٽ آئوٽ 104، جڏهن ته ظ ڌُرُو جوريل 125 ۽ ڪي ايل راهول 100 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ويسٽ انڊيز طرفان روسٽن چيِز ٻه وڪيٽون، جڏهن ته جڊن سيئلس، جوميل وِريڪن ۽ ڪاري پيَري هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ تحت کيڏي ويندڙ سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 10 آڪٽوبر کان دهليءَ ۾ شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.