ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مسٽري ليگ اسپنر ابرار احمد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ لاءِ تيار آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪرڪيٽر ابرار احمد جي خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته سندس شادي 4 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ٿيندي.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ افواهن موجب، ابرار احمد جي مهندي جي تقريب گذريل رات ٿي، جڏهن ته سندس وليمو 6 آڪٽوبر تي ٿيندو.
ٻئي پاسي ابرار احمد پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي ڪجهه تازيون تصويرون شيئر ڪيون آهن، جنهن ۾ کيس تي سائي شلوار قميص پهريل آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ابرار احمد جو نڪاح اڳ ئي ٿي چڪو آهي، جڏهن ته سندس ڪنوار بابت اڃا تائين تفصيل سامهون ناهن آيا.
ياد رهي ته ابرار احمد ايشيا ڪپ 2025ع جو فائنل کيڏندڙ ٽيم جو حصو، جتي ڀارت هٿان پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.
You might also like