راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خضدار جي علائقي زهري ۾ دهشتگردن خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي فتنه الهندوستان جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، آپريشن ۾ 14 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد علائقي ۾ پرامن شهرين کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا پر سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪئي.
آپريشن کانپوءِ علائقي واسين خوشي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ نعريبازي ڪئي.
آءِ ايس پي آر چيو ته فتنه الهندوستان جا دهشتگرد ناڪامين کانپوءِ وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن، عوام جي تحفظ ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اهڙيون ڪارروائيون جاري رهنديون.
You might also like