واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس چيو آهي ته هو هڙني زنده اسرائيلي مغوين کي آزاد ڪرڻ ۽ فوت ٿيل يرغمالين جا مڙهه واپس ڪرڻ لاءِ تيار آهن.“
آمريڪي صدر ٽرمپ جي پيش ڪيل غزا لاءِ امن معاهدي تي حماس جي ردعمل ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي بابت ڏي وٺ زميني حالتن ۽ شرطن کي ڏسي ڪئي ويندي.
حماس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني قومي اتفاق ۽ عربي ۽ اسلامي حمايت“ جي بنياد تي ”غزا جو انتظام آزاد فلسطيني اداري ڏانهن سونپڻ سندن پنهنجي معاهدن جي تجديد آهي.“
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فلسطينيءَ جي خود اراديت ۽ رياست لاءِ سازگار ٿي سگهن ٿيون، جنهن اسان کي فلسطيني عوام جي خواهش طور قبول ڪيون ٿا.
غزا جي مستقبل ۽ فلسطيني عوام جي حقن بابت حماس چيو آهي ته اها راءِ هڪ گڏيل قومي موقف تي ٻڌل آهي، جنهن جي بنياد لاڳاپيل بين الاقوامي قانونن ۽ ٺهرائن تي آهي ۽ ان کي هڪ قومي فريم ورڪ اندر ڳالهه ٻولهه ذريعي اڳتي وڌايو پيو وڃي.
حماس جي ردعمل کان پوءِ آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي سماجي ميڊيا پليٽفارم ٽروٿ سوشل تي بيان جاري ڪيو.
پنهنجي بيان صدر ٽرمپ چيو ته ”حماس جي ردعمل جي روشنيءَ ۾ مون کي پڪ آهي ته هو دائمي امن لاءِ تيار آهن، اسرائيل کي فوري طور بمباري بند ڪرڻي پوندي ته جيئن اسان مغوين کي محفوظ طريقي سان آزاد ڪرائي سگهون.“
آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته ” في الحال اِهو ڪرڻ نهايت خطرناڪ آهي. اسان اڳ ۾ ئي تفصيلن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، هي رڳو غزا لاءِ ناهي، پر وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آهي.“
You might also like