سون اگهه کي بريڪ نه لڳي، هزارين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي قيمتن ۾ڄ به وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان صرافا جيولرز اينڊ ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2100 رپيا مهانگو ٿيڻ 4 لک 9 هزار 878 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايشوسيئيشن موجب 10 گرام سون جي قيمت به 1801 جي واڌ 3 لک 51 هزار 404 رپيا آهي.
جيولرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 21 ڊالر اضافي سان 3886 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
واضح رهي ته هڪ هفتي دوران في تولو سون 12178 رپيا مهانگو ٿيو آهي، جڏهن ته 10 گرام سون جي اگهه ۾ 10441 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾به في اونس سون هڪ هفتي دوران 127 ڊالر وڌي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.