ٽرمپ جا ٿورا، فلسطين ۾ جنگبنديءَ جي ويجهو پهچي ويا آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف، آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي 20 نقاطي غزا امن منصوبي تي فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي هاڪاري جواب تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته الحمدلله، فلسطين ۾ جنگبنديءَ جي ويجهو پهچي ويا آهيون.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان سدائين فلسطيني عوام سان گڏ رهيو آهي ۽ هميشه گڏ رهندو.
هن چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ ڀائيوار ملڪن جا ٿورائتا آهيون، ۽ فلسطين جي مسئلي جي حل لاءِ قطر، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، ترڪيه، اردن، مصر ۽ انڊونيشيا جي ڪردار کي ساراهيو ويو.
وزيراعظم چيو ته حماس جي بيان سان جنگبندي لاءِ نئون رستو کليو آهي، ۽ پاڪستان سڀني برادر ملڪن سان گڏجي امن لاءِ ڪم ڪندو، الحمدلله، فلسطين ۾ جنگبندي جي ويجهو آهيون.
ٻئي پاسي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته هي موقعو غزا ۾ يرغمالين ۽ فلسطيني قيدين جي آزادي لاءِ اهم آهي، ۽ غزا ۾ انساني همدردي جي مدد جي بنا دير ترسيل کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي.
ترجمان چيو ته پاڪستان صدر ٽرمپ جي امن ڪوششن کي ساراهيو، اسرائيل کي ترت حملا بند ڪرڻ گهرجن، اميد آهي ته اهي ڪوششون دائمي جنگبندي ۽ مستقل امن جي دڳ کولينديون.
ترجمان موجب، پاڪستان تعميري ۽ جوڳو ڪردار ادا ڪندو رهندو، پاڪستان فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو ۽ هڪ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام جو حامي آهي، جنهن جو بنياد 1967ع کان اڳ وارين سرحدن تي هئڻ گهرجي ۽ القدس الشريف ان جو دارالحڪومت هجي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ غزا جنگبندي لاءِ 20 نقاطي منصوبو پيش ڪندي حماس کي آچر تائين الٽيميٽم ڏنو هو.
حماس جي طرفان منصوبي جي ڪجهه شقن تي هاڪاري ردعمل ڏيڻ کانپوءِ اسرائيل غزا تي قبضو ڪرڻ جي منصوبي کان پوئتي هٽڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هاڻي غزا جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزادي جي ڪوششون تيز ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.