پنجاب کي ٻوڙڻ واري مريم نواز سان عوام گڏ ناهي: نديم افضل چن

لاهور (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات نديم افضل چن چيو آهي ته پنجاب کي ٻوڏ ۾ ٻوڙڻ واري مريم نواز سان هاڻ عوام گڏ ناهي. هن چيو ته حڪومت جي نااهلي سبب سڄو صوبو عذاب ۾ مبتلا آهي. پنهنجي بيان ۾ نديم افضل چن چيو ته پنجاب  جي ڪيترائي ڪلوميٽر زمين پاڻي هيٺ اچي وئي آهي، جڏهن ته اسڪول، اسپتالون ۽ رستا اڃا تائين ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن. نديم افضل چن جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت رڳو جلسن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، پر عوام جي بنيادي مسئلن ڏانهن ڪير به ڌيان نٿو ڏئي. هن چيو ته پنجاب جا ماڻهو هاڻ جلسا نه، پر مڪاني چونڊون چاهين ٿا ته جيئن مسئلن جو حل مقامي سطح تي ٿي سگهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو اهو به چوڻ هو ته اختيارن کي هيٺئين سطح تائين منتقل ڪرڻ کانسواءِ صوبو اڳتي نٿو وڌي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.