ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ ۾ پوليو وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ وزيراعلي هائوس ۾ پوليو ويڪسين انڪار سيل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پوليو ڦڙا پيارن کان انڪار ڪندڙ والدين جون موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ، قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ناڪارا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو ڪالهه وزيراعلي هائوس ۾ هڪ اجلاس ۾ پوليو بابت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه والدين طرفان پوليو جا ڦڙا پلائڻ کان انڪار تي سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو، پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين جون موبائل فون سمون بلاڪ ڪرڻ، قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ معطل ڪرڻ جهڙا قدم شامل آهن ته جيئن اهڙن والدين کي رابطي ۽ سفر جي سهولتن کان محروم ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته اهڙا والدين نه فقط پنهنجي ٻارن پر ٻين ٻارن کي به پوليو جي خطري ۾ وجهن ٿا. مراد علي شاهه چيو مون وٽ هاڻ ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو سواءِ ان جي ته اهڙن والدين کي سزا ڏيان جيڪي پنهنجي قومي ذميواريءَ کان غفلت ڪن ٿا. پوليو جي خاتمي جي ذميواري گهر کان شروع ٿئي ٿي ۽ اها سڄي صوبي ۽ ملڪ تي اثرانداز ٿئي ٿي. وڏي وزير پوليو ويڪسين انڪار سيل وزيراعليٰ هائوس ۾ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن کي يونين ڪائونسل جي سطح تي انهن والدين جا تفصيل فراهم ڪيا ويندا جيڪي ڦڙا پلائڻ کان انڪار ڪن ٿا ته جيئن انهن کي سماجي، سياسي ۽ انتظامي ذريعن سان قائل ڪيو وڃي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته وڏي ڪوششن جي باوجود پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. هن صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته پوليو جي خاتمي لاءِ سنجيدگيءَ سان قدم کنيا وڃن. وڏي وزير چيو ته پوليو مهم ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. جيڪو آفيسر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندو سو منهنجي ٽيم جو حصو نه رهندو. مان اڳ ۾ به ڪجهه آفيسرن کي هٽائي چڪو آهيان ۽ وڌيڪ غفلت تي به ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته اجلاس جو مقصد پوليو مهم کي يونين ڪائونسل جي سطح تي نئين جذبي سان شروع ڪرڻ آهي. گذريل هفتي ٻه نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جن بعد صوبي ۾ ڪل پوليو ڪيسن جو انگ 9 ٿي ويو جيڪو انتهائي ڏکوئنيدڙ آهي. ملڪ ۾ ڪل 29 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 18 خيبرپختونخوا، 9 سنڌ، ۽ پنجاب ۽ آزاد ڪشمير مان هڪ هڪ رپورٽ ٿيو آهي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ اي او سي ڪوآرڊينيٽر ارشاد سوڍر وڏي وزير کي بريفنگ ڏني. نوان ڪيس ٺٽو ۽ بدين مان ٻه ٻه، جڏهن ته مٽياري، عمرڪوٽ، حيدرآباد، قمبر ۽ لاڙڪاڻي مان هڪ هڪ رپورٽ ٿيا. ڪراچي ۽ ملير جا ڪيس والدين جي انڪار سبب آيا.