عالمي ڪمپنين جا آپريشن محدود ٿيڻ سان سيڙپڪاري ۾ وڏي گهٽتائي جو خطرو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ٽيڪسٽائل ڪائونسل برآمد ۾ گهٽتائي ۽ صنعتن جي بندش تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. ڪائونسل طرفان جاري ڪيل بيان موجب، هلندڙ سال جي پهرئين 3 ماهي ۾ برآمد 3.83 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ 7.61 ارب ڊالر بچي آهي جڏهن ته رڳو سيپٽمبر جي مهيني ۾ برآمد 11.71 سيڪڙو  گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنهن جي ماليت 2.51 ارب ڊالر رهي. پي ٽي سي موجب هن ٽه ماهي ۾ واپاري خسارو وڌي 9.3 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي جنهن جو وڏو سبب درآمد ۾ 13.49 سيڪڙو واڌ آهي جيڪا پرڏيهي کاتن تي دٻاءُ وجهي رهي آهي. اهڙي صورتحال سبب گل احمد ٽيڪسٽائل پنهنجي ايڪسپورٽ اپيرل سيگمينٽ کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سان هزارين ملازم متاثر ٿيندا. اهڙي ريت عالمي وڏيون ڪمپنيون به پاڪستان مان نڪرڻ يا پنهنجا آپريشن محدود ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪيون آهن. پروڪٽر اينڊ گيمبل، مائيڪروسافٽ، شيل سميت ٻين ادارن جو نڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪ ۾ توانائي اگهه، ٽيڪس جو بار ۽ پاليسي جي غير يقيني صورتحال وڏن مسئلن جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي. پاڪستان ٽيڪسٽائل ڪائونسل حڪومت کان فوري سڌارن تي زور ڏيندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وقت سر اپاءَ نه ورتا ويا ته وڌيڪ صنعتن جي بندش ۽ سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي جو خطرو آهي. پي ٽي سي چيئرمين فواد انور چيو ته برآمدي صنعتن لاءِ خطي موجب توانائي اگهه ڏنا وڃن ۽ ٽيڪس سڌارن سان ريفنڊ سسٽم کي به بهتر بڻايو وڃي ته جيئن برآمد کي سهارو ڏئي سگهجي. هن وقت جي صورتحال ۾ وڌيڪ برآمد جو گهٽجڻ وڏو خدشو آهي جنهن سان ملڪي معيشت تي ناڪاري اثر پوندا.

هفتي ۾ 19 شيون مهانگيون، شرح 4 سيڪڙو تائين پهچي وئي

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ 0.56 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ مجموعي سالياني مهانگائي جي شرح 4.07 سيڪڙو تائين پهچي وئي. وفاقي ڳڻپ کاتي مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي. انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ  هفتي ۾ 19 شيون مهانگيون ٿيون ۽ 12 جا اگهه گهٽيا، جڏهن ته 20 ضروري شين جا اگهه برقرار رهيا. هڪ هفتي ۾، ٽماٽا 46.44 سيڪڙو مهانگا ٿي ويا، جڏهن ته پيٽرول 1.72 سيڪڙو مهانگو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 1.45 سيڪڙو مهانگو، ٿوم 1.41 سيڪڙو مهانگي ۽ بصر 1.22 سيڪڙو مهانگا ٿيا. گيهه، گوشت، ٻاڪرو گوشت، ڏهي ۽ سگريٽ سميت ڪيتريون ئي ٻيون شيون به مهانگيون ٿيون. هڪ هفتي ۾ ڪڪڙ 7.96 سيڪڙو ۽ ڪيلا 0.78 سيڪڙو سستا ٿيا. دال، پٽاٽا، کاڄرو تيل ۽ ايل پي جي سميت ٻين شين جي اگهن ۾ به گهٽتائي آئي.

فلور ملز ايسوسيئيشن طرفان حڪومت جي ڪڻڪ درآمد واري آڇ رد

اسلام آباد (بيورو) فلور ملز ايسوسيئيشن حڪومت طرفان ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي آڇ رد ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن حڪومت جي آڇ کي رد ڪندي چيو ته درآمدي ڪڻڪ مهانگي آهي ۽ ان سان اٽو سستو مهيا ڪرڻ ممڪن ناهي، ايسوسيئيشن جي چيئرمين  بيان ۾ چيو ته درآمدي ڪڻڪ 3800 رپيا في مڻ آهي، جڏهن ته مقامي ڪڻڪ 3000 رپيا في مڻ ملي ٿي، هن موجب 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1800 رپين ۾ وڪرو ڪرڻ درآمدي ڪڻڪ سان ممڪن ناهي، تنهن ڪري جيڪڏهن فوري طور تي ڪڻڪ فراهم نه ڪئي وئي ته شارٽ فال وڌيڪ وڌي ويندو.

تيل اگهه وڌڻ خلاف باڊهه ۾ رضاڪار تحريڪ جو احتجاج

باڊھ(پ ر) وفاقي حڪومت پاران تيل جي ڳاٽي ٽوڙ اگھن ۾ وڌيڪ واڌ خلاف باڊهه ۾ سماجي رضاڪار تحريڪ پاران احتجاجي  مظاھرو ڪيو ويو. تحريڪ جي ڪنوينر سارنگ امر ۽ ڪاشف علي سومري جي اڳواڻيء ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ تيل ۽ گئس مھانگا ٿيڻ سان مجموعي مھانگائي وڌي وڃي ٿي، جنھن سان عوام لڳاتار سور سھي رھيو آھي. ھنن چيو تہ واپاري هٿرادو مھانگائي ڪن ٿا پر اصل مھانگائي وفاقي حڪومت ڪري رھي آھي. اھو تيل جون قيمتون وڌائڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي. ھنن مطالبا ڪيا تہ تيل ۽ گئس جا اگھ اڌواڌ گھٽايا وڃن، ملازمن جا مطالبا مڃيا وڃن، سرڪاري نوڪريون ڏنيون وڃن. بينظير انڪم سپورٽ جون رقمون وڌايون وڃن ۽ سولر پينل غريب ماڻھن کي مفت ڏنا وڃن.

کنڊ گهرائڻ باوجود اگهه 200 رپين تائين پهچي ويو

اسلام آباد (م ڊ) کنڊ درآمد ڪرڻ باوجود مختلف شهرن ۾ اگهن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي، پشاور سميت ڪجهه شهرن ۾ کنڊ 195 کان 200 رپين تائين في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. ڳڻپ کاتي جي انگن اکرن  موجب کنڊ اگهه ۾ رڳو 5 پيسا گهٽتائي آئي. گذريل هفتي کنڊ 177 رپين مان 200 تائين پهتي، سراري اگهه 184 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. پشاور ۾ کنڊ 200 رپيا ۽ ڪراچي ۾ 195 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.

پراڻين گاڏين جي درآمد تي 40 سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي لاڳو

اسلام آباد (بيورو) ايف بي آر پراڻين ۽ استعمال ٿيل گاڏين جي درآمد تي 40 سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪري ڇڏي، هي قدم درآمد گهٽائڻ ۽ ملڪ ۾ پرڏيهي ذخيرن جي وهڪري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ  کنيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب اها ڊيوٽي ڪمرشل بنيادن تي درآمد ٿيندڙ استعمال ٿيل گاڏين تي لاڳو ٿيندي، جيڪي امپورٽ پاليسي آرڊر 2022 تحت مخصوص شرطن سان آنديون وينديون، ان ۾ پي سي ٽي هيڊنگ 8702، 8703، 8704 ۽ 8711 هيٺ ايندڙ گاڏيون شامل آهن، ايف بي آر موجب هي ڊيوٽي ڪسٽم ايڪٽ 1969 جي سيڪشن 18 جي سب سيڪشن (3) تحت حاصل اختيارن سان لاڳو ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.