ملٽي نيشنل ڪمپنيون پاڪستان ڇڏڻ لڳيون،پاليسي ۽ غيريقيني صورتحال اهم سبب؟

اسلام آباد(امتياز گل)هڪ  افسوسناڪ خبر سامهون آئي آهي۔ آمريڪي ملٽي نيشنل ڪمپني پروڪٽر اينڊ گيمبل (P&G)، جيڪا سالن کان پاڪستان ۾ موجود هئي، اعلان ڪيو آهي ته هو ملڪ ۾ پنهنجون پيداوار ۽ ڪاروباري سرگرميون /ڏسو صفحو 7 ڪالم 6 مرحليوار ختم ڪندي،ڪمپني جو چوڻ آهي ته هي فيصلي ان جي عالمي “A Now” ري اسٽرڪچر پروگرام جو حصو آهي۔ مستقبل ۾پروڪٽر  اينڊ گيمبل پاڪستان ۾ پنهنجي مصنوعات سڌي طرح نه ٺاهي سگهندي ۽ نه ئي سڌو وڪرو ڪندي، پر ٽئين پارٽي ڊسٽريبيوٽرز تي ڀاڙيندي۔ان جو مطلب آهي ته ملڪ ۾ پيداوار بند ٿيڻ سان روزگار ۾ گهٽتائي ايندي ۽ مارڪيٽ ۾ڪمپني جو سڌو ڪردار ختم ٿي ويندو. ڪمپني جي مقامي سبسڊري “جيرٽ پاڪستان” به هاڻي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج مان ڊي لسٽنگ تي غور ڪري رهي آهي۔ ڪمپني جو چوڻ آهي ته هو بورڊ جو اجلاس سڏيندي جنهن ۾ ڪاروبار ختم ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا۔سابق صدر اسد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ڇڏڻ سيڙپڪاري ماحول لاءِ هڪ “ريڊ فليگ” (تشويشناڪ اشارو)) آهي۔ملٽي نيشنل ڪمپنين لاءِ پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ هاڻي ناممڪن بڻجي ويو آهي۔پاليسي جي غير يقيني صورتحال، ڪرنسي جا خطرا ۽ ريگيوليٽري بدنظمي پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڀڄائي رهي آهي۔هن چيو ته هي صرف هڪ ڪمپني جو معاملو ناهي، پر ان وڌندڙ سوچ جو عڪس آهي ته پاڪستان سيڙپڪارن کي تحفظ نٿو ڏئي، پر سزا ڏئي ٿو۔اوپن سورس رپورٽن موجب 2022 کان پوءِ اٽڪل 15 وڏيون ملٽي نيشنل ڪمپنيون پاڪستان ڇڏي ويون آهن يا پنهنجا آپريشن محدود ڪري ڇڏيا آهن۔انهن ۾ شيل فائزر فارما)بائر (Bayer)ٽيلينار  جنهن کي پي ٽي سي ايل خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي،ٽوٽل انرجيز،سنوفي ايونٽائس،ايلي ليلي ،مائيڪروسافٽ،ڪريم (Careem)شامل آهن، اهو سڀ ڪجهه ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن حڪومت جو وڏو ڍانچو ايس آءِ ايف سي ذريعي پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي۔ پر حقيقت ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنيون ڀڄي رهيون آهن۔پاڪستان جي “ساک ” تي سوال اٿي رهيا آهن،پاڪستان جي پاليسي ۾ غير يقيني صورتحال،ڪرنسي ٻاهر نه وٺي سگهڻ جا خدشا فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ريگيوليٽري اٿارٽيز جي بدنظمي اهي سڀ ڳالهيون پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڊڄائي رهيون آهن۔ٻئي پاسي صدر آصف زرداري جو چين جو دورو10 ڏينهن تائين 4 شهرن جو دورو ڪيو، پر کيس نه صدر شي جن پنگ مليا، نه وزيراعظم، نه پرڏيهي وزير مليا ،ناقد چون ٿا ته پاڪستان جي “ساک” ختم ٿي رهي آهي۔ وڏيون ڪمپنيون هتي ڪم ڪرڻ لاءِ محفوظ ماحول محسوس نٿيون ڪن۔ ٻاهرين دنيا پاڪستان کي سيڙپڪاري لاءِ “ريڊ فليگ زون” سمجهي رهي آهي.

ڳرن ٽيڪسن سبب ڪمپنيون جان ڇڏائي نڪرڻ لڳيون؟

دبئي (ڪامران خان) آمريڪا جي نامياري ملٽي نيشنل ڪمپني پروڪٽر اينڊ گيمبل فيصلو ڪيو آهي ته اها پاڪستان ۾ پنهنجا  آپريشن بند ڪري رهي آهي، ڪمپني سان لاڳاپيل جليٽ ڪاروبار بند ڪرڻ بابت باقاعده پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي آگاهي ڏني آهي. توانائي شعبو هجي يا دوائن جو شعبو، ٽيلي ڪام هجي يا ڪيميڪل، هر ميدان ۾ وڏا وڏا نالا پاڪستان ۾ ناهن رهيا. سپر ٽيڪس سميت 49 سيڪڙو تائين ٽيڪسن ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽين جي ڪري هي ڪمپنيون اسان کان پنهنجي جان ڇڏائي رهيون آهن. پاڪستان جي اڻ ڄاڻايل معيشت (بي نامي معيشت) ٽيڪس ڏيندڙ ڪمپنين لاءِ برداشت جوڳي ناهي ڇو ته هو ان سان مقابلو نٿيون ڪري سگهن. سي اي او ٽاپ لائن سڪيورٽيز محمد سهيل موجب، وڏين ڪمپنين جو نڪرڻ ڳڻتي جوڳو آهي، ڇو ته ماڻهو ملڪ ۾ بچت گهٽ ۽ خرچ وڌيڪ ڪندا آهن. ٽيلي نار هجي، ڪريم هجي يا ٻيو گروپ، انهن کي وڏو ڌڪ واهپي ۽ خريداري گهٽجڻ جو لڳو آهي. ڊالر جي صورت ۾ 2018 کان 2023 تائين جو ٽرينڊ پاڪستان جي تاريخ ۾ ڏکيو دور رهيو آهي. جيڪي ان آفيشل سيڪٽر آهن جيڪي فارمل سيڪٽر سان مقابلو ڪن ٿا، انهن جو مارجن وڌيڪ بهتر هوندو آهي، جيڪي فارمل سيڪٽر آهن انهن کي ٽيڪس ڏيندا آهن، اهو به وڏو چئلينج آهي.

وڏا ٽيڪس ۽ ڪمزور رپيو ڪمپنين جي نڪرڻ جي سببن ۾ شامل

ڪراچي (م ڊ) آمريڪي ملٽي نيشنل ڪمپني پروڪٽر اينڊ گيمبل (P&G) اعلان ڪيو آهي ته اها پاڪستان ۾ پيداوار ۽ ڪاروباري سرگرميون بند ڪندي ۽ هاڻي ٽئين ڌر ڊسٽريبيوٽرز تي ڀاڙيندي. گذريل ٽن سالن ۾ شيل، مائڪروسافٽ، اوبر، ايلي للي ۽ ياماها سميت ڪيترين ئي عالمي ڪمپنين ملڪ مان پنهنجو ڪاروبار ختم ڪيو آهي. صحافي خرم حسين موجب، ڪمپنين جو نڪرڻ گهڻو ڪري عالمي ري اسٽرڪچرنگ جو حصو آهي ۽ اهو رڳو پاڪستان تائين محدود ناهي. مثال طور شيل ڪيترن ئي ملڪن مان ريٽيل انرجِي ڪاروبار بند ڪيو آهي ۽ هاڻي وڌيڪ منافعي بخش شعبن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي سي اي او احسان ملڪ چيو ته ايم اين سيز جي وڃڻ جا سبب مختلف آهن، جهڙوڪ دوائن جي قيمتن ۾ تبديلي ۾ دير، مقامي مقابلو، وڏا ٽيڪس، ڪمزور روپيو ۽ ملڪيت جي حقن جو غير اثرائتو تحفظ. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته انهن جون شيون ختم ٿي وينديون، ڇو ته ڊسٽريبيوٽر ماڊل ذريعي مارڪيٽ ۾ موجودگي برقرار رهي سگهي ٿي. ايسوسيئيٽ ڪِي ڊي سيڪيورٽيز جي اويس اشرف موجب، ڪيترائي ڪاروبار هاڻي ملڪن ۾ فيڪٽريون رکڻ بدران پنهنجي آپريشنز کي علائقائي حبز ۾ منتقل ڪري رهيا آهن، جتي وڏي پيماني تي سهولت ۽ گهٽ خرچ تي شيون ورهائي سگهجن ٿيون.

پرڏيهي سيڙپڪاري جو وهندڙ درياءُ ڪٿي آهي؟ حسين حقاني

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني ٽوئيٽر(ايڪس) تي لکيو آهي ته پٽروليم شعبي جي  وڏي ملٽي نيشنل ڪمپني شيل (Shell) پاڪستان مان پنهنجا آپريشن بند ڪري نڪري وئي آهي.دنيا جي وڏي دواساز ڪمپني فائزر (Pfizer) به پاڪستان مان پنهنجو ڪاروبار ختم ڪري ڇڏيو آهي.هاڻي گھريلو استعمال جي شيون ٺاهيندڙ عالمي ڪمپني پروڪٽر اينڊ گيمبل (Procter & Gamble) به، جيڪا سالن کان پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهي هئي، هتان وڃڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي.هي سڀ اهڙي وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن حڪومت ۽ سرڪاري ترجمان دعويٰ ڪندا رهيا ته پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪار وڏي پيماني تي اچي رهيا آهن، پر حقيقت ۾ وڏيون ڪمپنيون پنهنجو ڪاروبار بند ڪري رهيون آهن۔سوال اهو آهي ته جيڪڏهن شيل، فائزر ۽ پي اينڊ جي جهڙيون ملٽي نيشنل ڪمپنيون هتان وڃي رهيون آهن، ته پوءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي "وهڪري” واري دعويٰ ڪٿي بيٺي آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.