لاهور/ڪراچي(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز ڪيل غزه امن معاهدي کي نوآبادياتي نظام جي بحالي جو اعلان قرار ڏيندي پاڪستاني حڪومت تي واضح ڪيو آهي ته اسرائيل جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي ڪنهن به مذموم ارادي جي هر سطح تي مزاحمت ڪئي ويندي. اسان آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙن جي جائز مطالبن جي حمايت ڪريون ٿا،منصوره ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن جمعي تي ٽرمپ جي غزه امن معاهدي ۽ فلوٽلا تي اسرائيلي حملي خلاف ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪيو. جماعت اسلامي ڇنڇر، 4 آڪٽوبر تي لاهور ۽ 5 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ فلسطين ملين مارچ ڪندي، جنهن کان پوءِ 7 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ مارچ ۽ ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪرپشن جو مرڪز آهي، ٻئي پاسي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو ته فلسطين ۾ امن لاءِ آمريڪي صدر ٽرمپ جو 20 نقاطي منصوبو ٺڳي جي ٺاھ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ناھي. صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي حملي،ٽرمپ جي نام نھاد امن منصوبي خلاف جماعت اسلامي طرفان اڄ جمعي ڏينھن مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمٰن جي سڏ تي ڪراچي کان ڪشمور سموري سنڌ ۾ احتجاج جو ڏھاڙو ملھايو ويندو.