ڊگهي قد ۽ ڏاڙهي واري مرد کي ترجيح ڏينديس: ڪنزا هاشمي

اداڪارا ڪنزا هاشمي ٻڌايو آهي ته کيس ڪهڙي قسم جا مرد وڌيڪ متاثر ڪندا آهن.
ڪنزا هاشمي تازو هڪ پروگرام ۾ پنهنجي ذاتي زندگي، پسند ۽ ناپسند بابت کليل نموني ڳالهايو.
مردن جي حوالي سان هن چيو ته مان سڀ کان اڳ مرد جو قد ڏسندي آهيان، ان جي هيئر اسٽائل تي ڌيان ڏيندي آهيان ۽ مون کي ڏاڙهي وارا مرد پسند آهن.
سندس چوڻ هو ته رشتي ۾ وفاداري سڀ کان اهم آهي، مان اهڙي شخص کي ترجيح ڏينديس جيڪو سچو ۽ وفادار هجي، ڀلي اهو پيسي وارو نه هجي.
ڪنزا هاشمي چيو ته مان مرد جي مالي اسٽيٽس يا بينڪ بيلينس تي سدائين محبت ۽ حقيقي تعلق کي ترجيح ڏينديس.
پروگرام دوران هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا ڪرڪيٽ اسٽار بابر اعظم کي شاداب خان تي ترجيح ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.