جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ: پاڪستان جو پنهنجون ميچون ڀارت بدران نيوٽرل وينيو تي ڪرائڻ جو مطالبو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن جونيئر هاڪي ورلڊڪپ ۾ پاڪستان جون ميچون ڀارت مان ٻئي ملڪ منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پاڪستان هاڪي فيڊريشن انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن کي خط لکي ڀارت ۾ شيڊيول جونيئر هاڪي ورلڊڪپ ۾ پاڪستان جون ميچون ڪنهن ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، پي ايچ ايف پنهنجي خط ۾ پاڪستاني رانديگرن کي پيش سيڪيورٽي خدشن بابت آگاهه ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته پاڪستان هاڪي ٽيم جون ميچون ڀارت بدران نيوٽرل وينيو رکيو وڃن.
واضح رهي ته جونيئر هاڪي ورلڊڪپ 28 نومبر کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو ۽ 11 ڊسمبر تائين جاري رهندو.
ياد رهي ته ان کان اڳ به پاڪستان هاڪي ٽيم ايشيا ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت نه وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.