نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۽ هريانا جي هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي نسخا واضح ۽ پڙهڻ جي لائق لکن ته جيئن مريض ۽ فارماسسٽ دوا جي نالي ۾ غلطي نه ڪن، سمجهه ۾ نه ايندڙ نسخو مريض جي زندگي ۽ موت ۾ فرق ڪري سگهي ٿو.
عدالت حڪومت کي حڪم ڏنو ته ميڊيڪل ڪاليجن ۾ صورتخطي جا سبق شامل ڪيا وڃن ۽ ٻن سالن اندر ڊجيٽل نسخا لازمي بڻايا وڃن، جڏهن ته سمورا ڊاڪٽر نسخا وڏن اکرن ۾ لکن.
انڊين ميڊيڪل ايسوسيئيشن چيو ته اهي عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
You might also like