ايٿوپيا ۾ تعمير هيٺ چرچ جي عمارت ڪِرڻ سبب 25 ڄڻا فوت

ايڊس ابابا (ويب ڊيسڪ) آفريقي ملڪ ايٿوپيا ۾ تعمير هيٺ چرچ جي عمارت ڪِرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 25 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايٿوپيا جي علائقي احمارا ۾ اربع ڏينهن تعمير هيٺ هڪ چرچ جي عمارت ڪرڻ سبب 25 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ماڻهو عبادت لاءِ گڏ ٿيا هئا ته اهو حادثو پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.