اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ 3 کان 6 آڪٽوبر تائين برسات سان گڏ ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به پئجي سگهي ٿو.
خيبر پختونخواهه جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ 2 کان 7 آڪٽوبر دوران برسات جو امڪان آهي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 2 ۽ 3 آڪٽوبر تي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته 4 کان 7 آڪٽوبر دوران ڪشمير جي مٿانهن هنڌن تي برفباري به ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ برسات جو سلسلو اڄ رات کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو 3 آڪٽوبر تائين جاري رهي سگهي ٿو.
اهڙي ريت بلوچستان ۾ 4 کان 6 آڪٽوبر دوران تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته مسلسل برسات جي صورت ۾ هيٺاهين وارن علائقن ۾ شهري ٻوڏ، جڏهن ته ندي نالن ۾ چاڙهه جو به خطرو موجود آهي.
You might also like