اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري عورتن تي زور ڏنو آهي ته اهي ڇاتيءَ جي ڪينسر کي سنجيدگي سان وٺن ۽ پنهنجي صحت کي پهرين ترجيح ڏين.
ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ڇاتي جي ڪينسر کان آگاهي جو مهينو شروع ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ آصفه ڀٽو زرداري چيو ته وقت سر سڃاڻپ سان زندگيون بچائي سگهجن ٿيون، جيڪڏهن مرض جي نشاندهي ۽ وقت تي علاج ٿئي ته بقا جي شرح 90 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿي.
هن چيو ته عورتون باقاعدگي سان پنهنجو معائنو ڪرائين، 30 ورهين جي عمر کانپوءِ معائنو ڪرايو وڃي، 40 ورهين جي عمر کانپوءِ ميموگرافي ڪرايو ۽ ڪنهن به غير معمولي علامت جي صورت ۾ فوري طور ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو.
Prev Post
You might also like