طوفاني برساتن جو الرٽ جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم اي پنجاب صوبي جي مٿانهن علائقن ۾ برساتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
پي ڊي ايم اي ترجمان موجب 5 کان 7 آڪٽوبر تائين پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ شديد طوفاني برساتن جي اڳڪٿي آهي ۽ درياهن جي مٿانهن حصن ۾ به برسات جو امڪان آهي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي سڄي صوبي ۾ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته وزيراعليٰ پنجاب جي هدايت تي ضلعي انتظاميا کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
هن ٻڌايو ته برساتن سبب درياهن ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه جو امڪان آهي، تنهن ڪري سمورا آفيسر فيلڊ ۾ موجود رهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.