پنجاب ۾ بدترين ٻوڏ آئي، ٻين صوبن ان تي سياست ڪئي: مريم نواز

چڪوال (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته ٻين صوبن پنجاب ۾ آيل ٻوڏ تي سياست ڪئي.
چڪوال ۾ هونهار اسڪالرشپ ۽ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ تاريخ جي بدترين ٻوڏ آئي، ٽن دريائن جي ٻوڏ تباهي مچائي پر افسوس آهي ته ٻين صوبن پنجاب جي ٻوڏ تي سياست ڪئي.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته سڀني کي ڄاڻڻ گهرجي ته پنجاب جا سمورا وزير ٻوڏ متاثرن سان گڏ موجود رهيا.
مريم نواز وڌيڪ چيو ته وزيرن جو ڪم اي سي وارن ڪمرن ۾ ويهڻ ۽ گاڏين ۾ گهمڻ ناهي، جن کي روڊ، ليپ ٽاپ ۽ مفت دوا نٿي ملي تن کي حڪمرانن کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.