شيخ ڀرڪيو(ن ع آ) شيخ ڀرڪيو ۾ عورت ملازم کي مبينه هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو، شيخ ڀرڪيو ۾ قائم پي پي ايڇ آءِ سينٽر ۾ عورت ملازم سان مبينا هراسمينٽ ۽ نوڪري تان فارغ ڪرڻ جو واقعو منظرعام تي اچي ويو، سينٽر جي نيوٽريشن اسسٽنٽ سيده دلشاد فاطمه الزام لڳايو ته سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر عادل بُڙدي کيس هراسان ڪيو ڊاڪٽر جا غير قانوني حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو ته نوڪري تان فارغ ڪيو ويو. هن معاملي بابت ويمن ڪمپلينٽ سينٽر ۽ پي پي ايڇ آءِ ضلعي مينيجر کي شڪايتون داخل ڪرايون پر ڪا به جاچ يا ڪارروائي عمل ۾ نه آئي آهي. ذميوار عملدار به ڊاڪٽر عادل جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن، انصاف ڏيڻ بدران مٿس 10 نيوٽريشن چاڪليٽ چوري ڪرڻ جو الزام مڙهي کيس وڪري تان ڪڍيو ويو، سينٽر جي عملي ڄاڻايل عورت خلاف احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙن علي گوهر، مولا بخش نظاماڻي جو چوڻ هو ته ڄاڻايل عورت سينٽر مان چاڪليٽ چوري ڪيا. جنهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ته هن انچارج مٿان هراسمينٽ جو الزام لڳايو آهي.