پي آءِ ڊي سي ايل صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي:ڄام خان شورو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي صوبائي وزير منصوبابندي ۽ ترقي ۽ آبپاشي ڄام خان شورو، پي اينڊ ڊي کاتي جي آفيسرن سان تعريفي ملاقات کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته قيادت کيس پي اينڊ ڊي کاتي جي ذميواري ڏني آهي ۽ سندس اولين ترجيح صوبي ۾، خاص طور تي ڪراچي ڊويزن ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي وقت سر مڪمل ڪرڻ آهي. هن چيو ته پي آءِ ڊي سي ايل ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ ٺاهيو ويو هو ۽ صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي. اسان کي ان تي اعتراض آهي. اين اي سي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبائي منصوبا صوبائي حڪومت جي ذميواري هوندا. پر جيڪڏهن وفاق روڊ يا گهٽيون ٺاهڻ چاهي ٿو ته سنڌ حڪومت ان جو استقبال ڪندي، پر اصول اهو ئي هجڻ گهرجي جيڪو ٻين ادارن تي لاڳو ٿئي ٿو، جهڙوڪ سوئي گئس ڪنهن به ڪم لاءِ مقامي ڪائونسل کان اجازت وٺندي آهي. وفاقي حڪومت کي اسان کي ٻڌائڻ گهرجي ته ڪهڙي قسم جي ترقي ٿي رهي آهي. وفاقي حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ترقياتي منصوبن لاءِ 20 کان 25 ارب رپيا جاري ڪيا آهن ۽ اهي پئسا خرچ ڪيا آهن. ڪنهن کي به ان جي خبر ناهي. سنڌ حڪومت کي ان تي سخت اعتراض آهي، اهڙي طرح جو ڪم اسان نه هلڻ ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.