لنڊن)ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير هر معاملي تي هڪ ٻئي سان صلاح مشورا ڪن ٿا.
لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ” مان ۽ فيلڊ مارشل پرڏيهي پاليسي هجي، جنگ هجي، اقتصادي پاليسي يا آءِ ايم ايف وارو معاملو، هر ڳالهه تي اسان مشاورت ڪريون ٿا ۽ اسان هڪ پيج تي آهيون.“
هن چيو ته جيڪڏهن سياسي قيادت، ادارا ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ اهڙو ئي سهڪار کي مستقبل ۾ به جاري رهيو ته پاڪستان بُلنديءَ تائين پهچي ويندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته صدر ٽرمپ سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي.
سندس چوڻ هو ته ان ملاقات ۾ پاڪستان طرفان فيلڊ مارشل عاصم منير به ساڻس گڏ هو، جڏهن ته آمريڪا جي طرفان نائب صدر جي ڊي ونس ۽ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو شرڪت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن صدر ٽرمپ جا ٿورا مڃيا جو هن ذاتي دلچسپي وٺي جنگبندي ڪرائي.
هن چيو ته مون صدر ٽرمپ کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان وقت سر مداخلت نه ڪريو ها ته نه ڄاڻ حالتون ڪيترو بگڙي وڃن ها.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مون صدر ٽرمپ کي اهو به چيو ته اِهو ڪارڻ جو آهي پاڪستاني قوم توهان کي نوبيل انعام لاءِ نامزد ڪيو آهي.
مان ۽ فيلڊ مارشل هر معاملي تي هڪٻئي سان صلاح مشورو ڪيون ٿا، اسان هڪ پيج تي آهيون: وزيراعظم
You might also like