ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) ايشيا ڪپ 2025 جي ٽرافي وارو معاملو آءِ سي سي ۾ اُٿارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ڀارتي بورڊ جي سيڪريٽري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آءِ سي سي جو اجلاس نومبر جي پهرئين هفتي ۾ دبئي ۾ شيڊيول آهي، جتي اسان ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين خلاف سخت احتجاج ڪنداسين.
ديواجِيت سائيڪيا جو چوڻ هو ته ڀارتي بورڊ پهرئين ڏينهن کان آفيشل پاليسي تي عمل پيرا آهي، ايشيا ڪپ هڪ گهڻ مُلڪي ٽورنامينٽ آهي اسان ٻه طرفي سيريز ناهيون کيڏندا.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري موجب، 0-6 هڪ خيالي ڳالهه آهي، 0-3 جو نتيجو سڀني جي سامهون آهي جيڪو ڀارت جي حق ۾ رهيو. تِلڪ آپريشن کانپوءِ فائنل جي موقعي تي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سٺو نه هو، پر پاڪستان ٽيم کي هارائڻ تي ڀارتي ٽيم تي فخر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان اي سي سي صدر محسن نقوي کان ٽرافي نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو، ڇو ته محسن نقوي پاڪستاني حڪومت جو مرڪزي اڳواڻ آهي، هو ٽرافي ۽ ميڊلز پاڻ سان گڏ کڻي ويا. اسان کي اميد آهي ته تمام جلد ٽرافي ۽ ميڊلز ڀارت کي واپس ڪيا ويندا.
ان کانسواءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري پاڪستان کي راند جي ميدان ۾ هارائڻ تي ڀارتي اسڪواڊ کي 21 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان به ڪيو.
You might also like