ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد بينظيرآباد جي ڳوٺ پنھل چانڊيو جي 16 بهادر جيالن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي، جن کي جنرل ضياءَ جي آمريت دوران 29 سيپٽمبر 1983 تي جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ (ايم آر ڊي) ۾ بي رحمي سان شهيد ڪيو ويو هو، بلاول پيغام ۾ چيو ته اسان جي جيالن پنهنجو رت ڏئي ملڪ جي جمهوري بقا جي قيمت ادا ڪئي، انهن جون قربانيون جبر خلاف جدوجهد جي تاريخ جو امر باب آهن، پ پ چيئرمين موجب، شهيد ٺارو چانڊيو، شهيد رجب علي چانڊيو، شهيد علي شير چانڊيو، شهيد غلام مصطفيٰ چانڊيو، شهيد پير بخش چانڊيو، شهيد عرس چانڊيو، شهيد صديق چانڊيو، شهيد گلاب چانڊيو، شهيد هاشم خاصخيلي، شهيد جانب خاصخيلي، شهيد ميرو خاصخيلي، شهيد علي گل خاصخيلي، شهيد محمد رمضان خاصخيلي، شهيد محبوب علي سولنگي، شهيد الله رکيو سولنگي ۽ شهيد حسين بخش منگنھار جا نالا اسان جي جدوجهد جي تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکيل آهن، پيپلز پارٽي انهن هيروز کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي جن سخت ترين جبر باوجود آمريت خلاف مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو.