حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي اديبن، دانشورن، قومپرست پارٽي جي اڳواڻن ۽ سماج سڌارڪن چيو آهي ته سنڌ ۾ منشيات عام ڪري نوجوانن کي نشي جو عادي بنائي کين جسماني طور تي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ته جيئن نوجوان نشي ۾ ڦاسي سنڌو درياهه، سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن جي مالڪي واري جدوجهد جو حصو بڻجي نه سگهن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جو منشيات ورچڙهي وڃڻ وڏو قومي نقصان آهي، سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي گڏيل جدوجهد ذريعي منشيات جي واهپي ۾ سهولتڪاري ڪندڙ ايم پي اي، ايم اين اي، وزيرن، سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ پوليس عملدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن عوامي جمهوري پارٽي پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل “منشيات مخالف قومي ڪانفرنس” ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر نورنبي راهوجو چيو ته منشيات جي وڪري کي اسان قومي مسئلو سمجهون ٿا، ان ڪري اسان اڄ جي ڪانفرنس کي منشيات مخالف قومي ڪانفرنس جو عنوان ڏنو آهي. هن چيو ته منشيات سنڌ لاءِ ناسور بڻجي وئي آهي، منشيات کان سنڌ جي سماج کي نجات ڏيارڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته منشيات جي وڪري ۽ تعليم جي تباهي خلاف جدوجهد جي ضرورت آهي، منشيات خلاف جاڳرتا ڪنداسين، اسين ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وينداسين ۽ ماڻهن کي منشيات خلاف منظم ڪري بک هڙتالون ۽ احتجاجي مظاهرا ڪنداسين، منشيات فروشن جي رستا روڪ ڪئي ويندي، منشيات اسان جي نوجوان نسل کي تباهي ڪناري پهچائي رهي آهي. عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ حريف خان چانڊيو چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي نشي جو عادي بڻائي کين جسماني طور تي ڪمزور ڪرڻ وڏي هڪ سازش آهي، ڇو ته سنڌ جو نوجوان سنڌو درياهه، وسيلن ۽ زمينن جي لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ نظر اچي ٿو. هن چيو ته منشيات جي پويان حڪمرانن جو هٿ آهي، جن ٿاڻن جي حدن ۾ سڀ کان وڌيڪ منشيات جو ڪاروبار ٿئي ٿو ان ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي پروموشن ملي ٿو . سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ هوت خان گاڏهي چيو ته منشيات سنڌي قوم جي نسل ڪشي ڪرڻ وارو ڪاروبار آهي. منشيات ٻين يلغارن جيان وڏي آفت آهي، نشي آور شين جي واهپي ذريعي سنڌ جي سياسي سگهه کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هن چيو ته منشيات رياستي مدد سان هلي پئي، حڪمران ڌريون، پوليس ۽ ادارا مڪمل طور تي منشيات جا سهولتڪار آهن سنڌ يونائيٽيد پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو چيو ته رياست پاڻ منشيات جي سرپرستي ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي منشيات فروشن جي وڏي سهولتڪار آهي، ايم پي اي، ايم اين اي، وزير ۽ مشير منشيات جي ڪاروبار ۾ حصيدار آهن، ٿاڻا وڪرو ٿي رهيا آهن، جيڪو ٿاڻو وڌيڪ ڪمائي رهيو آهي، اهو ٿاڻو حڪمرانن جماعت جي ماڻهن کي وڌيڪ پسند ٿو اچي. هن چيو ته اها وڏي تباهي آهي ته اسان جون نياڻيون آئيس جون عادي ٿي ويون آهن، منشيات فروشن خلاف آواز اٿارڻ تي ماڻهن کي گوليون هنيون وڃن ٿيون. سنڌي عورت تنظيم جي اڳواڻ نظير قريشي چيو ته منشيات جي تيزي سان ڦهلجڻ سبب هاڻ اسان جو نسل برباد ڪري رهي آهي. هن چيو ته منشيات واپرائڻ وارا صرف ڇوڪرا ناهن، پر ڇوڪريون به منشيات واپرائي رهيون آهن، شيشي ۽ آئيس جي نشي تي ڇوڪرين کي به لاٿو ويو آهي. هن چيو ته بنگالي، برمي، بهاري ۽ افغاني منشيات جا وڏا واپاري آهن، منشيات يونيورسٽي ۾ ڇوڪرين جي هاسٽل تائين وڃي پهچي ٿي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي چيو ته سنڌ منشيات ۾ تباهه پئي ٿئي، اها درست ڳالهه آهي ته منشيات عام ڪري سنڌ جي مزاحمت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، منشيات وڏو منافي بخش ڪاروبار بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته حڪمران ڌريون هڪ ئي وقت منشيات جو ڪاروبار ڪري وڏو پئسو ڪمائڻ سان گڏ نوجوانن جي مزاحمت کي ختم ڪرڻ وارو ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسٽبلشمينٽ منشيات جي ذريعي پئسو ڪمائڻ سان گڏ موجوده عوام دشمن نظام کي مضبوط ڪري رهي آهي. وطن دوست جمهوري پارٽي جي اڳواڻ عرض رتڙ چيو ته آبادي جو وڏو حصو نوجوان منشيات جي ورچڙهي ويو آهي، نوجوانن کي نشي کان بچائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سماجي سطح تي سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي منشيات خلاف گڏ ٿيڻ گهرجي، منشيات جو وڪرو سياسي مسئلو آهي. منشيات خلاف ڳالهائيندڙن ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نذير احمد بليدي چيو ته سنڌ ۾ آئيس جو نشو عام ٿي ويو آهي، نوجوانن کي هٿ سان آئيس جي نشي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، ان نشي جي ڪري نوجوان زنده لاش بڻجي ويا آهن. پيپلزپارٽي سنڌ ۾ وڏي تباهي آندي آهي، سنڌ جا وڏيرا ناسور بڻجي ويا آهن، وڏيرو تعليم ۽ سماج دشمن آهي. ليکڪ فهيم نوناري چيو ته سماج جا صحتمند فرد ئي سماج جي بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهن ٿا، منشيات انساني صحت لاءِ انتهائي گهڻي هاڃيڪار آهي. منشيات خلاف قانونسازي ته ٿيل آهي، پر ان قانونسازي تي عمل نٿو ٿئي. سيوا سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻ محمد علي گهانگهرو چيو ته درسگاهون آئيس جهڙن نشن جي ورچڙهي ويون آهن, شاگردن جو منشيات جي ورچڙهي وڃڻ وڏو قومي نقصان آهي. منشيات جي واهپي ۾ سهولتڪاري ڪندڙ ايم پي اي، ايم اين اي، وزير ۽ سياسي پارٽين جا اڳواڻ، ڪارڪن پوليس ۽ ٻيا ادارا وڏا ڏوهاري آهن، انهن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. سوٽا جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر شاهه مراد چانڊيو چيو ته سنڌ جي تعليم تباهه ڪرڻ جي ڪوششن باوجود سنڌ جو نوجوان تعليم ڏانهن وڌي پيو، تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻاهر اسڪالرشپس وٺي وڃي ٿو، امتحان پاس ڪري رهيو آهي. ان ڪري هاڻ وري نئين سازش ڪندي منشيات کي هٿي ڏني وئي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ 75 سيڪڙو منشيات افغانستان کان سپلائي ٿئي ٿي. يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ منشيات خلاف جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. طبقاتي جدوجهد جي اڳواڻ نثار چانڊيو چيو ته حڪمرانن، پوليس ۽ بيروڪريسي کي منشيات جي سڄي چرپر جي خبر آهي ۽ منشيات به اهي ئي هلرائي رهيا آهن، ڌاڙيلن کي پيدا ڪندڙ ۽ منشيات جا ڊيلر ساڳيا آهن، اسان جا نسل تباهه ڪرڻ جي لاءِ منشيات کي هٿي ڏني پئي وڃي. نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته منشيات جي اسٽبلشمينٽ جي ادارن جي ذريعي وڏي سهولتڪاري ٿئي ٿي. هتي منشيات سمنڊ ۽ سرحدن جي ذريعي اچي ٿي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته جن کي اسمگلنگ روڪڻي آهي، اهي پنهنجو ڪم نٿا ڪن ان ڪري منشيات سرعام وڪرو ٿي رهي آهي. هن چيو ته منشيات عام ڪري اسان جي نوجوانن کي عادي ڪري جسماني طور ڪمزور ڪيو ويو آهي، ڇو ته سنڌ جي نوجوانن هر ڀيري اسٽبلشمينٽ کي جهڪايو آهي، منشيات کي عام ڪري سنڌ جي شعوري ۽ جمهوري سياست کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ضياء ڀٽي چيو ته منشيات جي مسئلي تي سياسي پارٽين جو ڌيان گهٽ آهي، سياسي تنظيمن کي منشيات جي مسئلي خلاف منظم جدوجهد ڪرڻ گهرجي. منشيات سنڌ جي تمام وڏن مسئلن مان هڪ آهي. حڪيم زنگيجو چيو ته سنڌ 17 سالن کان سنڌ تباهه ۽ برباد ٿي رهي آهي، سنڌ کي انتطامي ۽ مالي طور تي نقصان ڏيڻ سان گڏ منشيات جي پنجوڙ ۾ ڦاسايو ويو آهي. ان ڪري هاڻ موجوده حڪمرانن مان سنڌ جي جان ڇڏائڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جا ماڻهو وڏي تڪليف آهن. منشيات مخالف ڪانفرنس ۾ قراردادون پاس ڪندي گهر ڪئي وئي ته منشيات خلاف ايمرجنسي بنياد تي آپريشن ڪري منشيات فروشي ۾ ملوث سمورين ڌرين کي وائکو ڪري انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري منشيات جا اڏا ختم ڪيا وڃن.