ٿلاپتي جي جلسي ۾ ڀاڄ دوران 39 ڄڻا فوت، اداڪار جو فوتين جي وارثن کي ويهه لک رپيا ڏيڻ جو اعلان

چنائي (ويب ڊيسڪ) نامياري ڀارتي اداڪار ۽ تاميلاگا ويٽري ڪازگم (ٽي وي ڪي) جي سربراهه جوزف وجئه چندرا شيڪر عرف ٿلاپتي وِجئه پارٽي ريلي ۾ ڀاڄ دوران فوت ٿيندڙن جي وارثن لاءِ 20 لک ڀارتي رپين جي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو.
گذريل ڏينهن ڀارتي رياست تامل ناڊو جي شهر ڪرور ۾ ريلي ڪڍي وئي هئي، وجئه جي ريلي ۾ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جاءِ جي کوٽ سبب ڀاڄ جي نتيجي ۾ 39 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.
رپورٽن موجب،ريلي ۾ 30 هزار ماڻهن جي اچڻ جي اميد هئي پر اٽڪل 60 هزار ماڻهو اچي ويا.
اداڪار ٿلاپتي وجئه واقعي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيندڙن جي وارثن لاءِ امداد جو اعلان ڪندي چيو ته ڪرور ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جو سوچيندي منهنجو دل ۽ دماغ ڳري بار هيٺ دٻجي ويو آهي، هن واقعي تي دل جي تڪليف بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ناهن.
هن اعلان ڪيو ته هر هڪ فوتي جي وارثن کي 20 لک ڀارتي رپيا ۽ زخمين کي ٻه ٻه لک ڀارتي رپيا ڏنا ويندا.
وجئه جو چوڻ هو ته پيارن جو نقصان جو پئسن سان ازالو ناڪافي آهي ، هيءَ امداد ” برداشت نه ڪرڻ جوڳي نقصان“ جو معاوضو نه پر همدردي ۽ يڪجهتي جي علامت آهي، هڪ ڪٽنب جي ڀاتيءَ طور رقم ڏيڻ جو وعدو ٿو ڪريان.
ٻئي پاسي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي به حادثي ۾ حياتي وڃائيندڙن جي پوئنرن لاءِ امداد جو اعلان ڪندي چيو ته فوتين جي وارثن کي ٻه ٻه لک ڀارتي رپيا ۽ زخمين کي في 50 هزار ڀارتي رپيا ڏنا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.