ڪراچيءَ ۾ گرمي جي اڳڪٿي، موسميات کاتي اپڊيٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ خوشگوار موسم کانپوءِ هاڻي گرميءَ ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
شهر ۾ هلندڙ مهيني چوماسي برساتن سبب موسم نهايت خوشگوار رهي، پر هاڻي آڪٽوبر کان اڳ ئي گرمي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ گرمي پد ۾ واڌ جو امڪان آهي ۽ ايندڙ 3 ڏينهن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي. موسميات کاتي موجب، آچر ۽ سومر تي گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته شام جو سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.