ايشياڪپ: اڀيشيڪ شرما ۽ هاردِڪ پانڊيا ان فٽ، فائنل کيڏندا يا نه؟ وڏي خبر اچي وئي

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ 2025 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آچر جي ڏينهن ٽين ڀيرو آمهون سامهون ٿينديون، پر آخري دنگل کان اڳ ڀارتي ٽيم جي بالنگ ڪوچ ٻن اهم رانديگرن جي فٽنيس بابت خدشا ظاهر ڪيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، بالنگ ڪوچ مورني پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ وڏي ۽ فيصلائتي مقابلي کان اڳ آل رائونڊر هاردِڪ پانڊيا ۽ اوپننگ بيٽر اڀيشڪ شرما جي فٽنيس تي خدشا ظاهر ڪيا آهن.
واضح رهي ته هاردِڪ پانڊيا سريلنڪا خلاف پهريون اوور ڪرڻ کانپوءِ هيمسٽرنگ جو شڪار ٿي ميدان مان ٻاهر هليو ويو هو، جڏهن ته اڀيشڪ شرما به نائين اوور ۾ هيمسٽرنگ سبب واڪ آئوٽ ڪري ويو هو ۽ سريلنڪن اننگز جا آخري ڏهه ئي اوور ميدان کان ٻاهر رهيو.
گذريل ڏينهن ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران بالنگ ڪوچ مورني مورڪل ٻنهي رانديگرن جي فٽنيس تي خدشا ظاهر ڪندي چيو هو ته ٻنهي رانديگرن جي انجري جو جائزو ورتو ويندو ۽ پاڪستان خلاف کين کيڏائڻ يا نه کيڏائڻ جو فيصلو سندن فٽنيس سان مشروط هوندو.
ان کان سواءِ پاڪستاني فاسٽ بولر شاهين شاهه آفريدي جي واکاڻ ڪندي مورني مورڪل چيو ته شاهين آفريدي هڪ جارح مزاج بالر آهي، پر ڀارتي بيٽر ، خاص طور اوپنر اڀيشڪ شرما سندس خلاف ڀرپور انداز ۾ کيڏڻ جو ارادو رکي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته شاهين آفريدي ۽ اڀيشڪ شرما ٻئي جارحاڻي انداز ۾ کيڏڻ پسند ڪن ٿا، اها ئي ڳالهه ميچ کي دلچسپ بڻائيندي، شوقين اِهو مقابلو ڏسڻ لاءِ بيچين آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.