پاڪستان، چين، ايران ۽ روس جو پرامن افغانستان جي حمايت جو عزم

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) چين، ايران، پاڪستان ۽ روس جي پرڏيهي وزيرن جي چوٿين چار ملڪي اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي.
چيني پرڏيهي وزارت موجب، اجلاس گذريل ڏينهن روس جي دعوت تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيو، جنهن ۾ چئن ڌرين افغانستان جي صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪيو، افغان رياست جي استحڪام ۽ عالمي امن لاءِ اجلاس جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو.
پڌرائي موجب ڌرين هڪ آزاد، متحد ۽ پرامن رياست طور افغانستان جي حمايت جو عزم ورجايو، ڌرين دهشتگردي، جنگ ۽ منشيات کان پاڪ افغانستان جي ضرورت تي زور ڏنو، جڏهن ته اجلاس ۾ افغان اختيارين تي افغان سرزمين تي دهشتگرديءَ جي بنيادي ڍانچي کي ختم ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو.
پڌرائي موجب، ڌرين افغانستان جي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتا علائقائي قدم کڻڻ جي حمايت ڪئي، افغانستان سان معاشي لاڳاپا جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو، افغانستان سان اقتصادي، واپاري سهڪار ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي، ڌرين افغانستان لاءِ هنگامي انساني امداد جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
ان کانسواءِ ڌرين افغانستان ۾ دهشتگرديءَ سان لاڳاپيل سلامتي واري صورتحال تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو، ڌرين افغان پناهگيرن کي وطن واپسي ۾ سهولت ڏيڻ، نياڻين کي تعليم، ڪم ۽ معاشي موقعن تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.