نيو جرسي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات کي اتساهيندڙ قرار ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم نيوجرسي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته آمريڪي صدر سان ملاقات ۾ معيشت، دهشتگرديءَ جي خاتمي، معدنيات، اي آءِ، آءِ ٽي ۽ ڪرپٽو تي ڳالهيون ٿيون ۽ آمريڪا واپار، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي.
وزيراعظم ٽيرف واري معاملي تي آمريڪي صدر ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ معدنيات جي قيمت جو مناسب تعين ٿيندو، پاڪ-آمريڪا واپاري معاهدا گڏيل مفادن تحت ٿيندا.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 6 کان 10 مئي چار ڏينهن ۾ پاڪستاني هٿياربند فوجن بهادريءَ سان ڀارت کي جنگ ۾ شڪست ڏني، الله پاڪ پاڪستان جي فوجن کي جيڪا ڪاميابي عطا فرمائي، ان جو جيترو شڪر ادا ڪجي، اهو گهٽ آهي.
وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جنگ ۾ دانائيءَ سان پاڪ فوج کي اڳواڻي ڪئي.
وزيراعظم چيو ته هن ان وقت چيو هو ته اسين جنگ کٽي چڪا آهيون، دشمن جا 7 جهاز تباهه ڪيا، هر هنڌ حملا ڪيا، انهن جو مٿو ڦري ويو ، هاڻي ان کان اڳتي ناهي وڃنو ۽ جنگبندي قبول ڪئي وئي.
وزيراعطم سعودي عرب جي پنهنجي تازي دوري بابت ڳالهائيندي چيو ته هو سعودي عرب ويو ۽ اتي سندس تاريخي آجيان ڪئي وئي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته هن 40 سالن ۾ اهڙي قسم جو آڌر ڀاءُ نه ڏٺو آهي.
وزيراعظم ملڪ جي معيشت ۾ بهتري بابت تبصرو ڪندي چيو ته ملڪ جون حالتون ڪجهه سال اڳ ڏکيائين جو شڪار هيون، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ان وقت به معاشي چئلينجز هئا، مهانگائي 32 سيڪڙو هئي پر هاڻي مهانگائي هڪ سال اڌ ۾ گهٽجي سنگل ڊيجيٽ ۾ اچي وئي آهي.
وزيراعظم موجب،اقتدار سنڀالڻ وقت پاليسي ريٽ ساڍا 22 سيڪڙو هو، اڄ 11 سيڪڙو تي آهي.
وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستانين کي عظيم سفير قرار ڏيندي چيو ته اوورسيز پاڪستانين سال 24-25 ۾ ساڍا 38 ارب ڊالر ملڪ موڪليا، ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال هاڻي مائڪرو ليول تي مستحڪم ٿي چڪي آهي.
ٽرمپ سان ملاقات اتساهيندڙ قرار، آمريڪا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي: وزيراعظم
You might also like