ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عليزي شاهه سوشل ميڊيا تي پاڻ مٿان ٿيندڙ تنقيد تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
اداڪارا عليزي شاهه سوشل ميڊيا تي پاڻ مٿان ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته عمر سان گڏ انسان ۾ تبديليون اينديون آهن، مان 17 ورهين جي عمر ۾ شوبز ۾ آيس، هاڻي عمر وڌڻ سان قدرتي طور تي تبديل پئي ٿيان، مون ڪابه ڪاسميٽڪ سرجري ناهي ڪرائي.
هن وڌيڪ چيو ته مون مٿان سرجري جا الزام اهي ئي ماڻهو لڳائي رهيا آهن، جيڪي ساڳئي وقت موبائل فون تي پيغام موڪلي منهنجي واکاڻ به ڪندا آهن.
You might also like