سلامتي ڪائونسل ۾ خواجا آصف جي پٺيان ويٺل عورت تي طوفان مچي ويو، بچاءَ واري وزير ۽ پرڏيهي کاتي پاران وضاحتون جاري

اسلام آباد/نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف سلامتي ڪائونسل ۾ تقرير دوران پنهنجي پٺيان ويٺل عورت بابت سوال اٿاريندي چيو ته هيءَ عورت ڪير آهي؟ ۽ منهنجي پٺيان ڪيئن ويٺي؟، اِها پرڏيهي کاتي جي ذميواري آهي، تنهنڪري مناسب آهي ته ان معاملي جو جواب به اُهي ئي ڏين.
سوشل ميڊيا تي بچاءَ واري خواجا آصف جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ تقرير دوران ورتل هڪ تصوير وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سندن پٺيان هڪ عورت کي ويٺل آهي.
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڄاڻيل عورت جي پاڪستاني وفد سان موجودگي ۽ پوءِ خواجا آصف جي پٺيان ويهڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو.
سوشل ميڊيا تي متل طوفان کانپوءِ خواجا آصف به خاموشي ٽوڙي ڇڏي ۽ ايڪس تي هڪ تفصيلي پوسٽ لکي وائرل ٿيل تصوير بابت وضاحت پيش ڪئي.
خواجا آصف پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ”وزيراعظم مصروف هئا، تنهنڪري سنس جاءِ تي مون سلامتي ڪائونسل ۾ اها تقرير ڪئي هئي، اِها عورت يا ڪير منهنجي پٺيان ويهندو، اهو پرڏيهي وزارت جو اختيار هو ۽ آهي، فلسطين واري مسئلي سان منهنجو 60 سالن کان لڳاءُ ۽ ڪميٽمنٽ آهي.“
بچاءَ واري وزير لکيو ته ”ابوظهبي بئنڪ ۾ ملازمت دوران مون کي فلسطيني دوست ۽ ساٿي مليا، اڄ به ساڻن رابطي ۾ آهيان، غزا بابت منهنجا خيال بلڪل واضح آهن ۽ مان انهن جو کليل لفظن اظهار ڪندو رهيو آهيان.“
هن چيو ته ”اسرائيل ۽ صهيونيت بابت منهنجا خيال نفرت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهن، هيءَ عورت ڪير آهي ؟ اسانجي وفد ۾ ڇو هئي؟ ۽ مون جي پٺيان ڇو ويٺي؟ انهن سوالن جو جواب رڳو پرڏيهي کاتي ڏئي سگهي ٿو.“
خواجا آصف چيو ته ”مون لاءِ مناسب ناهي ته مان ان (پرڏيهي کاتي) طرفان جواب ڏيان، منهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندي ته ته منهنجو فلسطين سان رشتو ايمان جو حصو آهي.“
ٻئي پاسي پرڏيهي کاتي خواجا آصف جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ لکيو آهي ته ” سلامتي ڪائونسل ۾ بچاءَ واري وزير جي تقرير دوران سندس پٺيان ويٺل عورت بابت مختلف شيون سامهون اچي رهيون آهن.“
پرڏيهي کاتي وضاحت ڪندي اِها ڳالهه واضح ڪئي ته لاڳاپيل شخصيت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس لاءِ پاڪستان جي ان آفيسر وفد جو حصو نه هئي، جنهن کي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير منظور ڪيو هو ۽ نه ئي بچاءَ واري وزير جي تقرير دوران ان عورت کي خواجا آصف جي پٺيان ويهڻ جي منظوري دفاع واري وزارت ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.