پاڪستان ۾ واءِ فاءِ سيون جي شروعات، پي ٽي اي نئين فريڪوئنسي جي اجازت ڏئي ڇڏي

پي ٽي اي اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي( پي ٽي اي) واءِ فاءِ سيون لاءِ 6 گيگا هرٽز بينڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ايندڙ سڀني واءِ فاءِ جنريشنز لاءِ 6 گيگا هرٽز بينڊ ۾ استعمال جي منظوري ڏني آهي.
پي ٽي اي موجب، پاڪستان ايشيا جي شروعاتي ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي، جيڪي ان جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري رهيا آهن.
پي ٽي اي موجب، واءِ فاءِ سيون تيز ترين ڊيٽا ريٽس، انتهائي گهٽ ليٽنسي ۽ بهتر ڪارڪردگي مهيا ڪري ٿو، هيءَ ٽيڪنالاجي گهرن، ننڍن ڪاروبارن ۽ تعليمي ادارن ۾ تيز تر ڪنيڪٽوٽي کي يقيني بڻائي ٿي، جڏهن ته صحت وارن مرڪزن ۽ سمارٽ سٽي منصوبن لاءِ به تيز تر ڪنيڪٽوٽي فراهم ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.