ڪو به ادارو آزاد ناهي، سڀ اسٽيبلشمينٽ جا غلام بڻجي چڪا آهن :وڪيلن جي ڪانفرنس

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ وڪيلن جي گول ميز ڪانفرنس مان خطاب ڪندي سينيئر قانون دان ۽ وڪيل اڳواڻ حامد خان چيو ته عدليا جي آزادي پاڪستان جي جمهوري ڍانچي جو بنياد آهي ۽ ان تي ڪنهن به سطح تي سوديبازي نٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته ملڪ هن وقت نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي جتي ججن تي دٻاءُ وجهڻ جون ڪوششون کليل نموني نظر اچي رهيون آهن. اهڙين حالتن ۾ وڪيل برادريءَ تي سڀ کان وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو عدليا جي ڀرسان بيٺل هجن ۽ انصاف جي حڪمراني کي يقيني بڻائن. حامد خان چيو ته عدليا جي آزاديءَ کان سواءِ ڪو به معاشرو جمهوري يا آئيني استحڪام حاصل نٿو ڪري سگهي ۽ وڪيلن کي موجوده حالتن ۾ اهو ئي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جيڪو هنن وڪيلن جي تحريڪ دوران جمهوريت جي بحالي لاءِ ادا ڪيو هو. پنهنجي خطاب ۾ حامد خان ايوب خان جي دور کان جاري جدوجهد جو حوالو ڏيندي چيو ته ماضي ۾ وڏا وڏا آفيسر آيا پر هاڻوڪا آفيسر شايد سڀني کان وڌيڪ سخت رويو رکن ٿا. اڄ ڪو به ادارو آزاديءَ سان ڪم نٿو ڪري ۽ سڀ ادارا اسٽيبلشمينٽ جا غلام بڻجي چڪا آهن. ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي ڪو باقاعده ڪنوينشن ناهي پر وڪيلن جي شروعاتي مشاورت آهي، اصل ڪنوينشن پوءِ ڀرپور انداز ۾ ٿيندو ۽ واضح حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. حامد خان 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ڪوريج روڪڻ کي آئيني ۽ جمهوري اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي امپورٽڊ ۽ مڙهيل جج قرار ڏيندي چيو ته اهڙن فيصلن سان عدليا جو وقار مجروح ٿي رهيو آهي.  استعيفيٰ ڏيندڙ جسٽس شاهِد جميل ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج آزاد ججن جو مثال ختم ڪيو ويو ته ان کان پوءِ ملڪ ۾ چائنا ماڊل اچي ويندو ۽ جڊيشري عملي طور ختم ٿي ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن انهن ججن جي حق ۾ ۽ 26هين ترميم خلاف نه بيٺو ويو ته تحريڪ رڳو زباني دعوائن تائين محدود رهجي ويندي. نامياري قانوندان اعتزاز احسن ڳالهائيندي چيو ته منهنجي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس هلندڙ هو، جتي 13 ججن گڏجي ويهي بحث ڪيو. هن جو چوڻ هو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪا اعليٰ عدالت نه پر هڪ ٽربيونل آهي، جنهن خلاف سول جج به اسٽي آرڊر ڏئي سگهي ٿو، ڇو ته اها سپريم ڪورٽ نه آهي. هن ٻڌايو ته ججن مون کي ايڊجورمينٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کان پوءِ مان 27 ڪلاڪ مسلسل سفر ڪري لاهور پهتس. مون سان سوين وڪيل گڏ هئا ۽ ان سفر کي منهنجي ساٿين به ڏٺو. سخت تڪليف باوجود مان ٻي ڏينهن اسلام آباد پهچي پيش ٿيڻ لاءِ تيار ٿيس. جج صاحبن سان منهنجي گهڻي ڇڪتاڻ ٿي، پر مان پنهنجي موقف تان نه هٽيس. مون چيو ته مان پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان، ۽ ان جو به هن معاملي ۾ اختيار آهي. ان وقت جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ ٻين ججن سان منهنجي گهڻي ڇڪتاڻ ٿي، پر آخر ۾ عدالت منهنجي پٽيشن ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي. مان ڪو گجر، موري نه آهيان جو ڪير هضم ڪري وٺي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.