ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڪراچي يونيورسٽي ٻيهر قبضا مافيا جي نشاني تي اچي وئي آهي، جتي اندروني ڳٺ جوڙ ۽ انتظاميا جي مبينا غفلت سبب زمينن تي قبضا وڌي رهيا آهن. تازو تڪرار گيٽ نمبر 2 ڀرسان پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) جي پيٽرول پمپ جي ليز بابت سامهون آيو، جتي تقريبن 2 هزار گز جي الاٽ ٿيل زمين بدران 6 هزار گز کان وڌيڪ قبضو ڪيو ويو آهي. فراز احمد جي ولاگ ۾ صحافي نادر خان ٻڌايو ته ليز ۾ رڳو هڪ لک رپيا ڪرايو مقرر آهي پر يونيورسٽي کي هر مهيني بجلي ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ تقريبن 6 لک رپيا وڌيڪ ادا ڪرڻا پون ٿا، جنهن سبب مالي نقصان ساليانو 50 لک رپين کان به وڌي ويو آهي. ڪيفي ٽيريا جي ڪانٽريڪٽ ۾ به ساڳيون بي ضابطگيون سامهون آيون آهن جتي ڪرايو گهٽ، پر بجلي ۽ گئس جا بِل يونيورسٽي ادا ڪري رهي آهي. شاگرد ۽ اڳوڻا استاد اڳ ئي احتجاج ڪري چڪا آهن ۽ عدالت به حڪم ڏنو هو ته زمينون خالي ڪري يونيورسٽي حوالي ڪيون وڃن، پر انتظاميا جي خاموشي ۽ مبينا ڳٺ جوڙ سبب معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي. اندروني ڪميٽيون ٺاهي به ڪو عملدرآمد نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسٽيٽ آفيسر تي رشوت وٺڻ جا الزام به سامهون آيا آهن.ڪراچي يونيورسٽي جي هاڻوڪي انتظاميا تي وڏن صاحبن جو هٿ آهي، سسٽم جو طريقيڪار اهو ئي آهي ته پنهنجا سرڪاري ماڻهو ويهاريو، وڏو وزير ڪراچي يونيورسٽي جو چانسلر آهي، وائيس چانسلر کي نٿو هٽائي سگهي، جڏهن ته هو کيس هٽائڻ چاهي ٿو.