ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بارودي مواد رکڻ جي ڏوهه ۾ جوابدار کي 114 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بارودي مواد هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار سليم کي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) ماڙيپور مان گرفتار ڪيو هو، جنهن جي قبضي مان بم، آوان لانچر ۽ غير قانوني هٿيار هٿ آيا هئا.
پراسيڪيوشن موجب، جوابدار جاچ دوران ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ سان تعلق جو اعتراف ڪيو، جڏهن ته هن 2012ع کان 2014ع جي وچ ۾ ٽي ڀيرا ڀارت جو سفر پڻ ڪيو هو.
ان کانپوءِ عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سليم کي 114 سال قيد ۽ مجموعي طور هڪ لک پنجاهه هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي .
عدالت جوابدار جي ضمانت رد ڪندي کيس جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.