ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بينظي انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي ذريعي ٻوڏ متاثرن جي مدد کي وفاقي حڪومت جي ذميواري قرار ڏئي ڇڏي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته سڄي ملڪ ۾ زرعي شعبي کي مشڪلاتون رهيون آهن، ٻوڏ کان پوءِ زرعي شعبي کي تمام گهڻو نقصان ٿيو، وفاق جي ذميواري آهي ته هو بينظير انڪم سپورٽ جي ذريعي ماڻهن جي مدد ڪري.
هن چيو ته بي آءِ ايس پي خلاف بيان ڏيڻ وارن کي پروگرام بابت پتو به نه هوندو، مسلم ليگ پروگرام بابت ڪا ترميم يا ڊرافٽ به ناهي ڏنو، ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن جو آخر ڪهڙو ڏوهه آهي، وفاقي حڪومت کي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ”بينظير ڪسان ڪارڊ“ جي ذريعي ننڍن زميندارن ۽ هارين کي سپورٽ ڪنداسين، ڪڻڪ جي فصل کي سپورٽ ڪنداسين ته جيئن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي ضرورت نه پوي، وفاق ڪڻڪ خريداري ۽ امدادي قيمت نه ڏيڻ واري معاملي تي آءِ ايم ايف سان ڳالهائي، پنجاب حڪومت جي ان عمل کي ساراهيان ٿو ته انهن هارين جي نقصانن جي ازالي جو اعلان ڪيو آهي، وزيراعظم جو به ٿورائتو آهيان جو هن زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي ۽ متاثرن جا بجلي بل معاف ڪيا.
پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته اميد آهي دوحا تي حملي کانپوءِ وچ اوڀر وارا ملڪ پنهنجن پاليسين تي نظرثاني ڪندا، سعودي عرب سان ٿيل معاهدي کي سموري پاڪستان ساراهيو، معاهدي بابت ان ڪئميرا بريفنگ پڻ ٿيندي.
هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي عوام جون شڪايتون پنهنجي جاءِ تي آهن، دهشتگردي جو مسئلو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، ماضيءَ ۾ به دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، پر بلوچستان جو حل سياسي آهي، سياسي اتفاق راءِ سان اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا ته جيئن عوام جو فائدو ٿي سگهي.
Next Post
You might also like