لاهور(بيورو) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته سنڌ جي پيپلز پارٽي اها حالت پيدا ڪري ڇڏي آهي جو هاڻي اُتي به ماڻهو چاهين ٿا ته ڪاش کين به مريم نواز جهڙي وزيراعليٰ ملي ها۔پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي عظميٰ بخاري چيو ته توهان پنجاب ۾ رهي ڪري پنجاب جو ڪيس ڪڏهن وڙهندو؟ ڇا توهان چاهيو ٿا ته پنجاب ۾ ماڻهن کي ڪڻڪ، اٽو ۽ ماني نه ملي؟ هڪ پاسي چوندا آهيو ڪڻڪ جو نقصان ٿيو، ٻي پاسي چوندا آهيو جيڪا ڪڻڪ آهي اها به ٻاهر موڪليو، ٻڏو آهي يا ٻوڏ ۾ ٻوڙيو آهي ـ ان کي ئي "سيلابي سياست” چوندا آهن۔عظميٰ بخاري چيو ته بار بار سنڌ ۾ ٻوڏ اچي ٿي ته توهان هر ڀيري سنڌ کي ٻوڙيندا آهيو؟ سوال اهو آهي ته اوهان اڄ تائين ٻوڏ متاثرن لاءِ ڇا ڪيو آهي، آءِ ايم ايف جو نالو وٺي الزام پنجاب تي لڳائي رهيا آهيو، پر ٻڌايو ته ڇا سنڌ ۾ ڪڻڪ خريد ڪئي وئي؟هن چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ نه خريدڻ تي ڪهڙا قانون لاڳو ٿيندا؟ هن چيو ته ڪو به بي آءِ ايس پي ختم ڪرڻ نٿو چاهي، پر سوال اهو آهي ته ان کي بار بار سيلاب ۾ ڇو آندو پيو وڃي؟