وڏي وزير سان آمريڪي ناظم الامور جي ملاقات،ڪيٽي بندر رٿا جو منصوبو جوڙي رهيا آهيون: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ حڪومت نئين سر ڪيٽي بندر رٿا جو منصوبو جوڙي رهي آهي. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آمريڪا جي نگران ناظمه الامور نيتالي ايشٽن بيڪر سان هڪ ملاقات ۾  ڪئي وئي جنهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال، خوراڪ جي تحفظ، توانائي ۽ سلامتي جي تعاون، ڪيٽي بندر پورٽ منصوبي ۽ سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا موقعا تي ڳالهيون ٿيون۔ ملاقات اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمين، پولٽيڪل آفيسر جيرڊ هينسن، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ ٻيا عملدار به موجود هئا۔ وڏي وزير ڪيٽي بندر منصوبي جي شروعات ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي ان کي تاريخ جو پهريون قدرتي پورٽ ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن قرار ڏنو۔ هن چيو ته ڪراچي پورٽ تي سخت دٻاءُ آهي ۽ نئين بندرگاهه جي فوري ضرورت آهي۔ ان موقعي تي شاھراھ ڀٽو کي سڌو سنئون ڪراچي پورٽ سان ڳنڍڻ جي تجويز تي به ڳالهه ٻولهه ٿي ته جيئن شهر مان ھيوي ٽريفڪ کي هٽائي سگهجي، نيتالي بيڪر اعلان ڪيو ته آمريڪا جي نمايان ڪمپنين جا اعليٰ عهديدار جلد ڪراچي جو دورو ڪندا ته جيئن مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڏسي سگهن۔ ان تي وڏي وزير مڪمل سرڪاري سهڪار جي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.