ڪراچي(شڪيل نائچ)سنڌ ۾ مالي بيقاعدگين بابت شڪايتن تي درخواستن تي ايف آءِ اي تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي۔ ايف آءِ اي سنڌ جي مختلف کاتن کي نوٽيس موڪلي ڇڏيا،، جن بابت ڪجهه کاتن ڪارروائي ڪئي آهي ۽ ڪجهه اڃان تائين جواب نه ڏنو آهي،جڏهن ته آبپاشي کاتي وڏي وزير کي سمري موڪلي احتجاج ڪيو آهي،آبپاشي کاتي سمري ۾ موقف ڏنو آهي ته وڏو وزير وفاقي گهرو وزارت آڏو اهو معاملو اٿاري ۽ انهن کي چوي ته ايف آءِ اي ڪنهن به صوبائي انجنيئر يا آفيسر خلاف ڪرپشن جي شڪايت تي ڪارروائي ڪرڻ جي جي مجاز ناهي،البته جيڪڏهن ڪو آفيسر مني لانڊرنگ ڪري، وڏي رقم غيرملڪ منتقل ڪري، يا ڪنهن ڪرمنل سان ملي عالمي سطح تي جرم ڪري، ته پوءِ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، پر عام شڪايتن تي صوبائي آفيسرن کي نوٽيس ڏيڻ غيرقانوني آهي،آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته وفاقي گهرو وزارت کي ٻڌايو وڃي ته ايف آءِ اي جو اهڙو رويو آئين ۽ صوبائي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي،ان درخواست کانپوءِ وڏي وزير اهو معاملو وفاقي گهرو وزارت آڏو اٿارڻ جو فيصلوڪيو آهي، ايف آءِ اي تازو ئي آبپاشي، ورڪس اينڊ سروسز، بلديات، ناڻي ، اسڪول ايجوڪيشن ۽ بورڊ آف روينيو جهڙن اهم مالي کاتن کي نوٽيس موڪليا هئا، جنهن تي آفيسر سخت ناراض ٿيا آهن، انهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايف آءِ اي کي ڪرپشن جي جاچ ڪرائڻ جو شوق آهي ته معاملو صوبائي اينٽي ڪرپشن کاتي ڏانهن موڪليو وڃي، ڇو ته ايف آءِ اي جو صوبائي سروسز تي اختيار ناهي،صوبائي کاتن جي اعتراضن کانپوءِ ايف آءِ اي طرفان کاتن کي نوٽيس عارضي طور بند ٿي ويا آهن، پر اڃا تائين صورتحال غيريقيني آهي۔ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا ايف آءِ اي مڪمل طور معاملو ختم ڪري ڇڏيندي يا وري وڏي وزير جو احتجاج وفاق قبول ڪندو يا نظرانداز ڪري ڇڏيندو؟صوبائي آفيسرن جو موقف آهي ته ايف آءِ اي غيرضروري طور سرڪاري آفيسرن کي پريشان ڪري رهي آهي، صوبائي سطح تي ڪرپشن جي جاچ جي اختيار جو دائرو صوبائي اينٽي ڪرپشن کاتي جو آهي،