گوگل جي ميل واهپيدارن لاءِ ظاهري طور هڪ ننڍي پر حقيقت ۾ انتهائي اهم تبديلي ڪئي آهي.
گوگل اينڊرائيڊ فونز ۾ جي ميل نوٽيفڪيشن لاءِ هڪ بهترين آپشن جو واڌارو ڪيو آهي.
ڪيئي واهپيدارن جي ان باڪس ۾ هزارين اڻ پڙهيل (unread) اي ميلز موجود هونديون آهن.
هاڻ گوگل طرفان متعارف ڪرايل هڪ نئون فيچر اهڙن واهپيدارن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.
ڪمپني اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙن لاءِ جي ميل نوٽيفڪيشنز ۾ ”مارڪ ايز ريڊ“ بٽڻ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
هن فيچر جي آزمائش ڪيترن ئي مهينن کان جاري هئي ۽ هاڻ اِها سهولت هڙني واهپيدارن لاءِ موجود آهي.
هڪ تحقيق موجب، هڪ جي ميل واهپيدارن کي روزانو سراسري 10 کان 11 اي ميلز موصول ٿين ٿيون، جيڪو ظاهري طور گهڻو انگ نه آهي، پر انهن کي نظرانداز ڪرڻ جي صورت ۾ اڻ پڙهيل اي ميلز جو انگ وڌندو وڃي ٿو.
”مارڪ ايز ريڊ“ بٽڻ خاص طور تي اهڙين ئي اي ميلز لاءِ هوندو.
ان فيچر جي مدد سان اينڊرائيڊ فونز تي جي ميل استعمال ڪندڙن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ انهن لاءِ اهو طئي ڪرڻ سولو ٿيندو ته ڪهڙي اي ميل کي کولڻ ۽ مڪمل پڙهڻ ضروري آهي ۽ ڪهڙي کي بنا پڙهڻ جي ”مارڪ ايز ريڊ“ ڪيو وڃي.
نوٽيفڪيشن ۾ ائين ڪرڻ سان واهپيدار جو گهڻو وقت بچندو، جيڪو اي ميل ايپ يا برائوزر کولڻ ۾ لڳندو هو.
آءِ فون لاءِ جي ميل ايپ ۾ اِهو فيچر اڳ ۾ ئي موجود آهي، جڏهن ته هي بٽڻ ٻين ايپس جهڙوڪ واٽس ايپ جي ”مارڪ ايز ريڊ“ جيان ئي آهي.
You might also like