تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي چيو آهي ته ”ايران جوهري هٿيار ٺاهڻ جو ارادو نٿو رکي پر يورينيم جي افزدگي نه روڪيندو.“
ايراني ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي نشر ٿيندڙ پنهنجي تقرير ۾ ايراني اڳواڻ ٽن ڳالهين تي زور ڏنو، ايراني قوم جي اتحاد، يورينيم جي افزدگي ۽ آمريڪا سان لاڳاپا.
آمريڪا سان ڳالهين جي حوالي سان هن چيو ته ”آمريڪا سان ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي ۽ اهو نقصانڪار به آهي ۽ ڪوبه ملڪ خطري هيٺ ڳالهين نه ڪندو.“
خامنه اي چيو ته هڪ ڌر پنهنجا واعدا ٽوڙي ٿي، ڌمڪيون ڏئي ٿي ۽ موقعو ملڻ تي قتل به ڪري ٿي ڇڏي ۽ اهڙي حڪومت سان ڳالهين ڪرڻ سان ” رڳو نقصان“ ٿيندو.
هن چيو ته ”انهن ڳالهين جو نتيجو ايران ۾ جوهري سرگرمين ۽ افزدگي جي بندش آهي.“
ايران جي رهبر اعليٰ چيو ته ملڪ جي ترقي جو راز مضبوط ٿيڻ ۾ آهي، اسان کي مضبوط ٿيڻ گهرجي، فوجي طاقت ضروري آهي، سائنسي طاقت ضروري آهي، رياستي ۽ ساختي طاقت ضروري آهي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته جڏهن اسان مضبوط هونداسين ته ٻئي پاسي اسان کي ڪو خطرو نه ٿيندو.
ايراني سپريم ليڊر ملڪ اندر جوهري صنعت جي بندش ۽ افزدگي جو مطالبو ڪندڙ آمريڪي عملدارن جي بيانن جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪو به اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندو تنهن ايراني عوام چماٽون وهائي ڪڍندو.
واضح رهي ته خامنه اي جو اِهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ تقرير کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ ٽرمپ چيو هو ته ”مون ايران جي اڳواڻ کي دل سان خط لکيو، پر هن موٽ ۾ ڌمڪين سان ڀرپور جواب موڪليو.“
گڌيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ پنهنجي تقرير دوران ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي جوهري ٿاڪن تي حملي جو دفاع ڪندي چيو ته ” آمريڪا کانسواءِ دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ايران جي جوهري ٿاڪن کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي.“
ياد رهي ته اسرائيل سان 12 ڏينهن واري جنگ دوران آمريڪا نتنز، اصفهان، ۽ فردو ۾ايراني جوهري ٿاڪن تي بمباري ڪئي هئي.
ايران جوهري افزودگي نه روڪيندو، آمريڪا سان ڳالهين جو فائدو ناهي: آيت الله خامنه اي
You might also like