نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اسلامي ملڪن جي سربراهن آمريڪا کي چيو آهي ته هو غزا ۾ جنگ ختم ڪرائڻ ۽ عوام کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي سائڊ لائين تي قطر ۽ آمريڪا جي ميزبانيءَ هيٺ هڪ اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ چونڊ اسلامي ملڪن کي دعوت ڏني وئي.
ملاقات جو مقصد غزا ۾ اسرائيل جي جنگ جي خاتمي جي تجويز ڪيل منصوبي بابت چونڊيل اسلامي ملڪن کي آگاهه ڪرڻ هو.
هن اجلاس ۾ پاڪستان، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، مصر، ترڪي، اردن ۽ انڊونيشيا جي سربراهن شرڪت ڪئي.
باظابطا ملاقات کان اڳ ٽيليويزن تي نشر ٿيل ڳالهه ٻولهه موجب، ملاقات ۾ شريڪ قطري امير چيو ته هن اجلاس جو مقصد غزا ۾ جنگ جو خاتمو ۽ اسرائيلي يرغمالين جي آزادي آهي ۽ هو سمجهن ٿا ته غزا ۾ جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ آمريڪا ساڻن گڏ آهي.
ان جي جواب ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ”اسان اسرائيلي يرغمالين جي آزادي چاهيون ٿا ۽ دنيا ۾ ڪوبه به اهو نٿو ڪرائي سگهي سواءِ هن گروپ (چونڊيل اسلامي ملڪن) جي تنهنڪري هيءَ ملاقات مون لاءِ به هڪ اعزاز آهي.“
ٽرمپ چيو ته”جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي منهنجون 32 ملاقاتون رٿيل آهن، پر هيءَ سڀ کان اهم ملاقات آهي، اسان ان شيءِ (جنگ) کي ختم ڪرڻ وارا آهيون جيڪا شروع ئي نه ٿيڻ گهرجي ها.“
ٽرمپ جي شهباز سان ملاقات: اسلامي ملڪن جي سربراهن جو آمريڪا کان غزا ۾ جنگ ختم ڪرائڻ جو مطالبو
You might also like